حيدرآباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم دوران عورت جو ٻار فوت، لاپرواهي جو الزام

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ويم دوران هڪ عورت جو ٻار فوت ٿي ويو. وارثن الزام هنيو آھي ته ٻار ڊاڪٽرياڻين جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب فوت ٿيو. ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس 15 چوڪي قاسم آباد جي علائقي ۾ قائم هڪ خانگي اسپتال ۾ نئين سبزي مارڪيٽ سان تعلق رکندڙ عورت مسمات شڪيلا زال حيدر سولنگي کي ويم لاءِ داخل ڪرايو ويو. ويم دوران ٻار مبينا طور فوت ٿي ويو. جنهن تي وارثن اسپتال انتظاميا ۽ ڊاڪٽرياڻين خلاف احتجاج ڪيو. وارثن جو چوڻ آھي ته هنن ويم کان هڪ ڏينهن اڳ الٽرا سائونڊ ڪرايو هو ته ٻار زندھ هو ۽ ڊليوري لاءِ ايندي به ٻار جي پيٽ ۾ چرپر محسوس پئي ٿي. هنن ٻڌايو ته وٽن اهڙو الٽرا سائونڊ به موجود آھي. ويم کانپوءِ ٻار کي ڏٺو ته انجي بدن تي رهڙون آيل هيون ۽ ٻار جون اکيون به ٻاهر نڪتل نظر آيون. هوڏانهن ڊاڪٽرياڻين اهو موقف اختيار ڪيو ته ٻار هفتي کان پيٽ ۾ مئل هو. رات دير تائين ٻار جي وارثن ۽ اسپتال انتظاميا وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.