اسان وٽ نه هٿيار آهن ۽ نه ڪا ٻي طاقت: فيصل سبزواري

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر صوبائي ڪابينا ۾ به آهي، سڄو عملو ان جي مدد لاءِ نڪتل آهي، جيڪو ميئر سان گڏ نه هوندو هو.

زونل آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته مڪاني حڪومت چونڊيل نمائندن جو حق آهي، انهن جو وس هلي ته چوندا پاڪستان ۾ به چونڊون نه ڪرايو ۽ بلاول صاحب کي ايڊمنسٽريٽر بڻائي ڇڏيو.

هن چيو ته چونڊ سڌارا ضرور ٿيڻ گهرجن، قومي اسيمبلي جي ڪميٽي ٺهي وئي آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو اڳ ۾ ڊيمو وٺنداسين پوءِ فيصلو ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان بنا ڇڪتاڻ پنهنجو پيغام اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، ٻه ڏينهن اڳ ڪيترن ئي ماڻهن اسان جي چونڊ نشان کي ڦاڙي پيغام ڏيڻ چاهيو ته اسان ڊڄي وينداسين، شاباش آهي ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ ذميوارن جو اڪسائڻ باوجود انهن سازش کي ناڪام بڻايو.

فيصل سبزواري چيو ته اسان وٽ نه هٿيار آهن ۽ نه ڪا طاقت، طاقت اها آهي ته ڪم ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.