تلهار: پ پ ايم پي اي مير الهه بخش ٽالپر پاران رورل هيلٿ سينٽر ۽ ٽائون ڪميٽي جو اوچتو دورو

پ پ ايم پي اي مير الهه بخش ٽالپر پاران رورل هيلٿ سينٽر تلهار ۽ ٽائون ڪميٽي جو اوچتو دورو ڪيو ويو ، ايم ايس پاران دوائن جي کوٽ، ڊاڪٽرن جي کوٽ، ايمبولينس پراڻيون هجڻ سميت ٻين مسئلن بابت آگاهي ڏني وئي ، ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر پاران سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري پڻ ڏياري وئي،  رورل هيلٿ سينٽر تلهار جي ايم ايس سيد عظمي شاھ بخاري مير الهبخش ٽالپر کي ٻڌايو ته تلهار اسپتال کي توهان جي ڪوششن سان تعلقه جو درجو ته ملي ويو آهي پر بلڊنگ جو ڪم اڃان تائين شروع ناهي ڪيو ويو، مير اله بخش ٽالپر ايم ايس کي خاطري ڏياريندي چيو ته اسپتال کي اپگريڊ جو درجو ملي ويو آهي جلد بلڊنگ جو ڪم به شروع ٿيندو ۽ گهربل سموريون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون جڏھن ته ٽائون ڪميٽي تلھار ۾ پ پ ايم پي اي مير الھبخش ٽالپر پھچي شھر جي ترقياتي ڪمن ۽ پينشنر جي پينشن جاري ڪرڻ بابت ٽائون آفيسر مير منظور ٽالپر کان بريفنگ ورتي ، ان موقعي تي پ پ يوٿ ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري،عوامي پريس ڪلب تلھار جو صدر عاجز انور لاشاري،پ پ اڳواڻ حاجي ڪڇي،گوپال ۽ ٽائون اسٽاف پڻ موجود ھئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.