سنڌ پوليس جو پاڪستان جي انتهائي قابل فورس جوڙڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي مقصود احمد ايس ايس يو سواٽ ٽريننگ سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

سينٽر جي افتتاحي تقريب اسيشل سيڪيورٽي يونٽ هيڊ ڪوارٽرز چوڪنڊي ۾ ڪوٺائي وئي.

تقريب ۾ ڪمانڊنٽ ايس ايس يو ذيشان شفيق صديقي، ڪمانڊنٽ نيوي سيل نعمان اسلم ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

ڊي آءِ جي سيڪيورٽي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سواٽ ٽريننگ سينٽر بڻائڻ جو مقصد پوليس اهلڪارن کي اسپيشلائيزڊ ٽريننگ فراهم ڪرڻ آهي ۽ انهن جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي وڌائڻ آهي.

هن چيو ته سينٽر ۾ جديد ضرورتن موجب اسپيشل آپريشن، حساس جاين ۽ وي آءِ پي سيڪيورٽي جي تربيت فراهم ڪئي ويندي.

ڊي آءِ جي مقصود احمد جو چوڻ هو ته سينٽر قائم ٿيڻ سان نه رڳو سنڌ پوليس پر پاڪستان جي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ به فائدو ٿيندو.

پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته سال 2020 دوران اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي سواٽ ٽيم ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪندي 167 جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

ڊي آءِ جي سيڪيورٽي چيو ته ايس ايس يو سواٽ ٽيم هلندڙ سال دوران هن وقت تائين 37 جوابدار کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

ان سان گڏ اسپيشل سيڪيورٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ دفاع جي ڏهاڙي جي مناسبت سان رت جو عطيو ڏيڻ لاءِ ڪئمپ به قائم ڪئي وئي.

جنهن ۾ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت ملازمن به وڏي انگ ۾ رت جو عطيو ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.