”تبديلي جو وقت آ“ وقار يونس جو عهدي ڇڏڻ کانپوءِ بيان

 

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس جو پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ بيان سامهون آيو آهي.

وقار يونس پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هو، ٽيم کي الوداع ڪرڻ ڏکيو ضرور آهي پر هي ”تبديلي جو وقت آهي“.

هن چيو ته ذميواري ڇڏڻ جا قدر سکڻ جي ضرورت آهي.

وقار يونس پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابين لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

واضح رهي ته مصباح الحق ۽ وقار يونس کي سيپٽمبر 2019 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ترتيب وار هيڊ ڪوچ ۽ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته اڄ ٻئي ڪوچ پنهنجي عهدن تان دستبردار ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.