سکر ۾ ڪشمور واسي کي قتل جو ڌمڪيون، احتجاج

سکر(رپورٽر) ڪشمور شھر جي رهواسي محمد يونس جتوئي سکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اڳوڻو تعلقي ناظم ڪشمور عبدالرئوف کوسو ڪشمور ۾ راندين جي ساڍا پنڌرهن ايڪڙ پلاٽ ۽ پنج سئو ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين جا جعلي کاتا ٺھرائي زمين فٻائي ڪري ان تي ٽيڪسي اسٽينڊ ۽ مال پڙي لڳرائي انهن کان هر مهيني لکين روپيا وصول ڪري رهيو آھي زمين تي قبضي خلاف نيب سکر وٽ درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ  عبدالرئوف کوسو،  سليم جان مزاري، ايس ايڇ او ڪشمور منظور لغاري جان جا دشن بڻجي ويا آھن ۽ مون کي قتل ڪرائڻ چاهن ٿا، هن چيو ته زمين تي قبضو ڪندڙ  رئوف کوسو ۽ ٻيا مون کي ڌمڪائي نيب ۾ شاهدي کان روڪي رهيا آھن، جنهن کان پوءِ  منهنجي حياتي کي خطرو آھي گزريل ڏينهن ايس ايڇ او منظور لغاري مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري مارائڻ لاءِ  پوليس سميت پهتو پر منهن جي دوست وڪيل موٽر سائيڪل ذريعي اتان کڻي بچائي ورتو عبدالرئوف کوسو هر دور جي حڪومت ۾ ناجائز فائدا حاصل ڪيا آھن منهنجي جان کي جيڪڏهن ڪجھه به ٿيو ته ان جاذميوار عبدالرئوف کوسو، سليم جان مزاري، عبداباقي مزاري ۽ ايس ايڇ او منظور لغاري هوندا ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.