سونڊا لڳ ڪينجهر ۾ نوجوان ٻڏي فوت

سونڊا (ن ع آ) ڪينجھر ۾ وھنجندي ڪراچي واسي ٻڏي فوت، لاش ھٿ. ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاء آيل ڪراچي لياري واسي 27 سالہ نوجوان علوين ولد ظفر ڪينجھر ڍنڍ ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن جو لاش مقامي ٽوٻن ڪڍي ڪينجھر پوليس حوالي ڪيو، ڪينجھر پوليس لاش سول اسپتال مڪلي پھچائي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي لاش پنھنجي گھر ڪراچي کڻائي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.