ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ 4 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ لاش ملڻ سميت 4 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته  عورت سميت 8 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا .  ڊيفنس فيز 2 اسٽريٽ نمبر 13  جي ڀرسان نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ 55   سالن جو جاويد علي ولد عبدالرشيد قتل ٿي ويو . تيسر ٽائون ملا ڪريم ڳوٺ جي جامع مسجد ڀرسان گھريلو جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 50 سالن جو ضياء ولد عنايت الله  مارجي ويو جڏهن ته قائد آباد ٿاڻي جي حد مجيد ڪالوني لانڍي ۾ نظام ھوٽل ڀرسان گرائونڊ مان 25 سالن جي نامعلوم نوجوان جو لاش ھٿ سڄاڻپ نه  ٿي سگهي . بريگيڊ ٿاڻي جي حد لائنز ايريا جي ھفتا بازار ڀرسان گھر مان 55 کان 60 سالن جي عبدالرحمٰن جو لاش هٿ آيو،پوليس موجب واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي . نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي ۾ گھر ۾ نامعلوم طرف کان گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ شھريار شاهه ولد خواجا حسن شاھ ، اويس احمد ولد آفتاب عالم ، شريف آباد ٿاڻي جي حد عورت روشن زال عبدالوھاب ،سرجاڻي ٽائون بلاڪ سي يارو ڳوٺ ڀرسان گھر ۾ نامعلوم طرف کان آيل گولي لڳڻ سان 8 سالن جو ٻار دانش ولد محمد علي زخمي ٿيو، ڪياماڙي ڊاڪس ڪالوني ۾ جھيڙي ۾ عارف ولد اسرار علي خان زخمي ٿي پيو . الڪرم اسڪوائر بلاڪ 4 فليٽ نمبر بي 3 فلور نمبر 3 تي جھيڙي ۾ آفاق ولد نديم زخمي ٿي پيو . ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد دمبا ڳوٺ  ڀرسان حاجي ناٿا ڳوٺ ۾ ڦر دوران فائرنگ ۾ محمد اشرف ولد سجاد زخمي ٿي پيو . ڊاڪس ٿاڻي جي حد مڇر ڪالوني شيرازي چوڪ  ۾ فائرنگ ساقي محمد ولد زرپوش زخمي ٿي پيو . زخمين کي طبي امداد لاء مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد جي منتقل ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.