ڪراچي جي فيڪٽري ۾ پورهيت ڪم دوران فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني موڙ ڀرسان سورتي ڪمپني لڳ ھم سنگ ٽويل فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ دوران ھنگري تان پراسرار نموني ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ پورھيت نبيل علي ولد محمد موسيٰ فوت ٿي ويو . فوتي جو لاش ڪارروائي جي لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .

جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ پاڻي بحران خلاف ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) جماعت اسلامي پاران ڪراچي وارن کي پاڻي نه ملڻ خلاف 8 سيپٽمبر تي واٽر بورڊ جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هڻ جو اعلان، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعميم الرحمان چيو آهي ته هتي روڊ ٺاهي صرف ڊرامو رچايو پيو وڃي، ڪنٽيومينٽ جي اليڪش کان اڳ هتي روڊ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، پر تازي مينهن سبب ڊي ايڇ اي ئي ٻڏي ويو، حافظ نعيم الرحمان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل سال عمران خان ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رپي جي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو ان کي هڪ سال پورو ٿيو هاڻي 2 سيپٽمبر تي ان جي پهرين ورسي به ٿي هئي، هن چيو ته ڪراچي لاءِ صرف اعلان ئي اعلان ٿيا آهن ٿيو پر هن وقت تائين ٿيو ڪجهه به ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪنٽيومينٽ بورڊ جي اليڪشن ويجهو ايندي ئي روڊ ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن، پ پ به رڳو ڪوڙيون دعوائون ڪيون پرهن هڪ به نه ڪيو، هنن صرف پنهنجو ايڊمنسٽريٽر لڳايو آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته صرف 25 ملي ميٽر برسات سبب ڊي ايڇ اي ٻڏي ويو، برسات سڀني جا پول کولي ڇڏيا آهن.

عورتن، کدڙن فقيرن سان ناانصافي خلاف آواز اٿارڻو پوندو: ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ڪورنگي جي علائقي ۾ هڪ سماجي تنظيم پاران عورتن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۽ عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي بابت ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ ملڪه خان چيو ته اسان جي ملڪ عورتن جي حوالي سان جيڪي معاهدا ڪيا آهن، انهن تي عمل ٿيڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا، اسان جي سماج ۾ مذهبي اقليتن، معذورن، عورتن ۽ کدڙن سان ناانصافي ۽ اڻبرابري واري روئي خلاف گڏجي آواز بلند ڪرڻو پوندو، ڪورنگي واسڻ ثمينه ناز چيو ته اسانجي سماج ۾ عورتن سان زيادتي جا واقعا وڌي ويا آهن، ننڍڙي عمر جي ڇوڪرين سان جنسي زيادتي ٿئي ٿي، جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي، سماج ۾ برابري لاءِ عورتن کي اڳتي اچڻو پوندو ،کدڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ايڊووڪيٽ نشاءِ رائو چيو ته اسان کدڙن کي ووٽ جو حق حاصل آهي اسان جا ووٽ مردن جي پولنگن ۾ رجسٽرڊ هجن ٿا ۽ اسين ڪپڙا عورتن وارا پايون ٿا ته جڏهن قطارن ۾ بيهون ٿا اتي ماڻهو تنگ ڪن ٿا تشدد ڪن ٿا هراسان ڪن ٿا، جڏهن ته عورتن واري پاسي وڃون ٿا ته عورتون به ڌڪارين ٿيون، انهي ڪري اليڪشن ۾ کدڙن لاءِ الڳ بوٿ ٺاهيا وڃن، ان موقعي تي نازنين گل، سائينه حسين ۽ ٻين چيو ته ڪيترين ئي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ئي نٿي هجي، انهي ڪري عورتن کي برابري جا حق ڏيڻ لاءِ قانونسازي اسمبلي ۾ به عورتن جو مرد ميمبرن جيتريون ئي سيٽون رکيون وڃن

لاڙڪاڻي ۾ اغوا ڄاڻايل هندو ناري پاران پسند پرڻو، وڊيو بيان جاري

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻي مان چار ڏينهن اڳ گم ٿي ويل هندو ناري پاران نوجوان سان پسند جي پرڻي جو ويڊيو بيان منظر عام تي اچي ويو. شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سامٽيا روڊ واري علائقي مان چار ڏينهن اڳ شاپنگ لاءِ نڪران نڪتل هندو ناري سونيڪا ڌيءَ نامومل لاڙڪاڻي جي مدرسه دارلاشاعت عربيه لاهوري محلا ۾ اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو سونيڪا مان هانيه رکي لاهوري محلا واسي نوجوان ذيشان علي لغاري سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ناري سونيڪا عرف هانيه جو ويڊيو منظر عام تي اچي ويو جنهن ۾ هن چيو آهي ته مون مٿان ڪنهن به قسم جو دٻاءُ يا زبردستي ناهي مون پنهنجي پسند ۽ دل سان اسلام قبول ڪري ذيشان سان شادي ڪئي آهي .ناري جي پيءُ نامو مل رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ سونيڪا واٽس ايپ جي ذريعي رابطو ڪري پنهنجي شادي بابت ٻڌايو آهي اسين اهڙي شادي کي نه ٿا مڃون. پوليس ڪاروائي ڪندي نوجوان جي ڀاءُ عرفان علي لغاري کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان نوجوان ذيشان لغاري جي پيءُ ذوالفقار علي لغاري صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ ذيشان علي لغاري قانون موجب شادي ڪئي آهي. پوليس منهنجي پٽ عرفان علي لغاري کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. هندو پنچائت جي چيئرمين ڊاڪٽر ڌرم پال، ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته سونيڪا کي اغوا ڪرڻ بعد ورغلائي ساڻس غيرقانوني طور شادي رچائي وئي آهي. سونيڪا جي ڀيڻ آرتي ٻائي کي ساڳي ئي طريقي سان اغوا ڪرڻ بعد زبردستي مذهب مٽائي ساڻس شادي رچائي .واضع رهي ٽي مهينا اڳ اڳ به ناري سونيڪا عرف هانيه جي وڏي ڀيڻ آرتي ٻائي عرف عائشه گهران بيوٽي پارلر لاءِ نڪري ڪراچي ۾ وڃي نوجوان محمد فواد سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. 03

افغان پناهگيرن بابت ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا پئي ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو قيام ۽ استحڪام چاهي ٿو پاڪ افغان طورخم سرحد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان افغانستان مان 10 هزار ماڻهن جي واپسي جي عمل ۾ معاونت فراهمa ڪئي آهي هن چيو ته ڀارت کي تمام وڏي شڪست ٿي آهي. جنرل فيض حميد جي ڪابل دوري سان ڀارت کي تڪليف ٿي آهي ۽ انهن جا ٽي وي چينل صبح کان شام تائين ان دوري تي تبصرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا قطر ۽ انگلينڊ جا عملدار ڪابل ويا آهن ته پاڪستان جي عظيم ترين انٽيليجنس ايجنسي جي سربراه جي دوري سان انهن کي ڪهڙي تڪليف آهي، هن چيو ته اسان جو خطو انتهائي اهم بڻجڻ وارو آهي، ممڪن آهي ته هڪ نئون بلاڪ جڙي وڃي، هن چيو ته افغان پناهگيرن بابت ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا پئي ڪري، افغانستان مان چار هزار ماڻهو پاڪستان آيا آهن پر ان کان وڌيڪ افغانستان ويا آهن، طورخم بارڊر تي هڪ به پناهگير ڪئمپ ناهي.

بلاول کي سنڌ جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي: فرخ حبيب

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي، بلاول کي سنڌ جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، ڪرپٽ ماڻهن کي ٻيهر موقعو نه ملندوڪالهه آچر ڏينهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ان بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي

لکين بي سهارا افغان ٻارن کي امداد ۽ امن جي گهرج

 

ڪابل (اي پي پي) افغانستان ۾ گذريل 4 ڏهاڪن ۾ تذويراتي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري مسلسل جنگين ۽ عالمي طاقتن جي مداخلت ان غريب ملڪ کي سخت متاثر ڪيو آهي. انهن غيرملڪي مڙهيل جنگين لکين افغانين کي مارڻ ۽ ٻارن کي انهن جي والدين جي ڇانوَ کان محروم ڪيو. اهڙو ئي هڪ 15 سالا نوجوان حسيب احمد جنگ جي ڪري پنهنجو اباڻو علائقو مزار شريف ڇڏي پنهنجي ٻن ڀائرن، ٻن ڀينرن ۽ پوڙهي بيواهه ماءُ جي ڪفالت جي لاءِ هاڻي ڪابل ۾ رستي جي ڪناري جوتا پالش ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي، حسيب  چيو ته هو روزانو 100 کان 150 افعاني ڪمائي ٿو سيو دي چلڊرن افغانستان جي هڪ رپورٽ موجب 2015ع کان 2018ع جي وچ ۾ تشدد جي واقعن ۾ 12 هزار 500 ٻار قتل يا معذور ٿيا، 274 ٻار جنگي يا معاون ڪردار جي لاءِ ڀرتي ڪيا ويا. رپورٽ موجب هن وقت 37 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، انهن ۾ 60 سيڪڙو ڇوڪريون آهن. يونيسيف جي تازي رپورٽ موجب ڪيترائي ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن، خدشو آهي ته افغانستان ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جا 10 لک ٻار سخت غذائي کوٽ جو شڪار ٿيندا. اٽڪل 3 لک ٻار بي گهر ٿي ويا آهن.

شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي ٻن شهرين جي اغوا جو ڪيس

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف ٻن شهرين کي اغوا ڪري وڏي رقم وصول ڪري کين آزاد ڪرڻ جو الزام، متاثرن جي فرياد تي ساڳئي ئي ٿاڻي تي ئي مٿس ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسرار ابڙي تي الزام آهي ته هن ٻن شهرين فدا ۽ عديل جي گهرن تي چڙهائي ڪري کين اغوا ڪرڻ سان گڏ گهر ۾ پيل لکين رپين جي ماليت جو سون ۽ روڪ رقم به ڦر ڪئي، ايس ايڇ او شاهه لطيف اسرار ابڙي ناحق گرفتار ڪيل فدا ۽ عديل کان سندس آزادي عيوض وڏي رقم وصول ۽ وڌيڪ رقم ڏيڻ جي گهر ڪندو رهيو، متاثر شهرين مقامي عدالت پهچي ايس ايڇ او اسرار ابڙي خلاف درخواست داخل ڪئي ۽ ڪورٽ سڳوري کان ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو آرڊر وٺي ٿاڻي پهتا، ذريعن موجب ساڳي ئي ٿاڻي تي موجوه ايس ايڇ او اسرار ابڙي سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس ايڇ او اسرار ابڙو فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.