پنج شير ۾ ويڙهه، پاڪستانين جي گرفتاري جي دعويٰ، مسعود جي جنگ بندي لاءِ مشروط آڇ

ڪابل( م ڊ) پنج شير وادي ۾ طالبان ۽ مزاحمتي محاذ ۾ چڪريون جاري آهن، ٻنهي ڌرين اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي آهي. طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته پنج شير ۾ گادي جي هنڌ کان سواءِ باقي علائقن تي سندن ڪنٽرول آهي، جڏهن ته مزاحمتي محاذ طالبان جي دعويٰ رد ڪندي الزام هنيو آهي ته انهن پرڏيهي طالبان گرفتار ڪيا آهن جن مان اڪثريت پاڪستانين جي آهي. مزاحمتي محاذ دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. مزاحمتي محاذ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ضلعي پريان جو ڪنٽرول واپس ورتو آهي. مزاحمي فورس جي ترجمان دشتي دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان جي قافلي کي هٿياربندن ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان گهيرو ڪري کين ماريو ۽ گرفتار ڪيو ويو آهي. جن ۾ اڪثريت پرڏيهين خاص طور پاڪستانين جي آهي. طالبان چيو آهي ته انهن دارالحڪومت بازارڪ ۽ رخا ضلعي کان سواءِ سمورو ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي.ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه مارڪ ملي خبردار ڪيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ القاعده، داعش سميت انتهاپسند گروهن کي ٻيهر اڀرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو جنهن سان افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو آهي.  هوڏانهن روس به گهرو ويڙهه کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. افغانستان جي صوبي پنجشير ۾ طالبان مخالف قومي مزاحمتي فورس جي سربراهه احمد مسعود جنگ روڪڻ جي مشروط پيشڪش ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي آفيشل فيس بوڪ اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ احمد مسعود چيو آهي ته مزاحمتي فورس افغان علما جي بيان کي ڀليڪار ڪري ٿي. هن چيو ته پنجشير ۾ ويڙهه ختم ڪري ڳالهيون جاري ڪجن، امن جي لاءِ طالبان جا حملا ختم ٿيڻ تي اسان به ويڙهه روڪڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.