ڪراچي: شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي اغوا جو ڪيس داخل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاهه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او تي پنهنجي ئي ٿاڻي ۾ ٻن ڄڻن جي اغوا جو پرچو ڪَٽجي ويو.

ايف آءِ آر موجب ايس ايڇ او اسرار حسين ٻرڙي ٻن شهرين فدا ۽ عديل کي سندن گهران اغوا ڪيو ۽ گهر مان وڏي ماليت جا زيور به کنيا، هن ٻنهي کي ٿاڻي ۾ بند رکيو ۽ کين تشدد جو نشانو به بڻايو.

ايس ايڇ او ٻنهي ڄڻن کي ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي ۽ زندگي بچائڻ لاءِ کانئن وڏي رقم جو مطالبو ڪيو.

پوليس عدالتي حڪم تي پنهنجي ايس ايڇ او سميت 5 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اغوا، قيد ۾ رکڻ ۽ ڀتي خوري جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود اڃا تائين ايس ايڇ او سميت ڪيس ۾ نامزد ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.

واضح رهي ته اسرار حسين ٻرڙي جي سربراهي ۾ ٻن شهرين کي ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه لطيف پوليس منشيات ايڪٽ ۾ گرفتار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.