اسان پي ايم ڊي اي کي رد ڪيون ٿا: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته اسان پي ايم ڊي اي کي رد ڪيون ٿا.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ناصر حسين شاهه لکيو ته اهو نٿو ٿي سگهي توهان ميڊيا اٿارٽي جي نالي تي سڀني ادارن ۽ صحافين کي وڪوڙي ڇڏيو پر پاڻ پريس ڪانفرنسن ۾ ويهي ڪوڙيون دعوائون ۽ ٻين تي بنا ثبوت ڪوڙا الزام هڻندا رهو ۽ اهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ نشر ٿين.

هن چيو ان تي به ايتري ئي سزا هجڻ گهرجي جيتري ڪوڙي خبر ڏيڻ تي، اسان پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي کي رد ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.