نوابشاهه جي شگر مل رهتون نه ڏنيون، آبادگارن جو ڌرڻي جو اعلان

نوابشاھ(رپورٽ:اڪرم چانڊيو) ضلعي شھيد بينظير آباد جي چئن شوگر ملن ڏانھن ڪمند جي غريب آبادگارن جا 20 ارب روپين کان وڌيڪ رحتون ادا نہ ڪرڻ خلاف سنڌ گروئرز آگنائزيشن پاران 8 سيپٽمبر تي حبيب شوگر ملز جي گيٽ آڏو آباگارن پاران ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان چيئرمين رضا محمد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن رابطا مھم تيز ڪري ڇڏي صحافين، سول سوسائٽي ۽ ساڃاھ وندن کي ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ دعوت نامہ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي رضا محمد چانڊيو، سينئر وائيس چيئرمين حاجي محمد اسحاق چانڊيو، وائيس چيئرمين محمد وارث ڏاھري، ميڊيا ڪوارڊينيٽر شمشاد ملاح ۽ ٻين نوابشاھ پريس ڪلب پھچي پريس ڪلب جي سمورن عھديدارن ۽ سمورن ميمبرن کي 8 سيپٽمبر تي حبيب شوگر ملز جي گيٽ ٻاھران اعلانيل احتجاجي ڌرڻي جا دعوت نامہ ڏنا . انھي موقعي تي رضا محمد چانڊيو  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ سڄي سنڌ سميت ضلعي شھيد بينظير آباد جا ڪمند جا آبادگار سالن کان شوگر انڊسٽري مافيہ جي ظلمن ۽ حق تلفين جو شڪار آھن 1999 کان وٺي ھيل تائين ضلعي جي چئني شوگر ملز، حبيب شوگر ملز نوابشاھ، ٻانڌي شوگر ملز، النور شوگر ملز شاھپور جاھيان، سڪرنڊ شوگرل ملز قاضي احمد ڏانھن ضلعي جي غريب ۽ ننڍن آبادگارن جا 20 ارب روپين کان وڌيڪ رحتون آھن ھنن چيو تہ رڳو حبيب شوگر ملز نوابشاھ ڏانھن ڪوالٽي پريميئم جي مد ۾ 6 ارب روپيا ۽ 2017،18 دوران 22 روپيا في مڻ اضافي جيڪي مجموعي طور تي 66 ڪروڙ روپيا ٿين ٿا اڄ ڏينھن تائين آباد گارن کي نہ ڏنا ويا آھن رضا محمد چانڊيو چيو تہ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ پڻ ٻہ سال آبادگارن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي شوگر ملن کي آباد گارن جون رحتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر شوگر ملز مافيہ جي بيحسي جي انتھا آھي جو اڄ ڏينھن تائين غريب آبادگارن کي انھن جي پگھر ۽ پورھئي جا پيسا نہ ادا ڪيا ويا آھن رضا محمد چانڊيو ضلعي شھيد بينظير آباد جي سمورن ننڍن وڏن آباد گارن، سول سوسائٽي، ساڃاھ وندن ۽ با شعور شھرين کي اپيل ڪئي تہ 8 سيپٽمبر 2021 اربع ڏينھن 11 وڳي حبيب شوگر ملز نوابشاھ جي مک گيٽ ٻاھران اعلانيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ضلعي جي گمند جي غريب آبادگارن جي آواز کي طاقت بخشيندا ھن چيو تہ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.