ڪي اين شاهه لڳ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيل پيش امام جا قاتل آزاد، ڌرڻو

خيرپورناٿن شاه (  ن ع آ  ) خيرپورناٿن شاه لڳ گوزو پوليس جي حد ۾ ٽي هفتا اڳ ڪهاڙيون هڻي زخمي ٿيل مسجد جو پيش امام حافظ دين محمد ٻرڙو ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هيو مقتول جي والد عبدالمجيد ٻرڙو عرف عبدالستار ٻرڙو ۽ ٻين مائيٽن ،ادريس ٻرڙو ، راشد علي ٻرڙو، عبدالحليم ٻرڙو ، صدام حسين ٻرڙو،  جي اڳواڻي ۾ مهراڻ پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي دانهيو ته ٽي هفتا اڳ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان جوابدارن اياز ٻرڙو، غلام رسول ٻرڙو ، عبدالرزاق ٻرڙو، وسيم ٻرڙو وارن بيگناه منهنجي پٽ حافظ دين محمد ٻرڙو کي ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هيو جيڪو ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو .هن روئيندي چيو ته ظالمن مون سان ظلم ڪيو آهي مونکي هڪ پٽ هيو منهنجو سهارو هليو ويو منهنجو ڪير هن دنيا ۾ ڪونهي مان اڪيلو ٿي ويو آهيان هن دانهيو ته مان انهن ظالم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هيو پر ٽي هفتا گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا هنن دانهيو ته جوابدار ڪيس تان هٿ کڻن لاء اسان کي سنگين قسم جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  هنن آئي جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.