لکي مقابلي ۾ ماريل نوجوان جي وارثن جو ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج

لکي غلام شاھ/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتاز سنڌي+نديم جان مهر))لکي غلام شاھ جي چڪ ٿاڻي جي حد چڪ ڊيها لنڪ روڊ تي بيچانجي ڀرسان ڪچي واري بچاء بند تي چڪ پوليس جو ڏوهاري جي هڪ ٽولي سان مبينا مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلي بعد 2 جوابدار مارجي ويا ايس  ايڇ او چڪ احمد علي هاليپوٽو موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ اياز چولياڻي چانڊيو ۽ امداد ملڪ طور ٿي آھي جيڪي پنهنجي ساٿين سميت ڪچي واري علائقي ڀرسان ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هئا، هوڏانهن شڪارپور ضلعي جي پوليس ھٿان مبينا مقابلي مارجي ويل نوجوان امداد ملڪ جي وارثن ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي ٻيڙي چوڪ وٽ مولوي خان محمد ملڪ، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، ممتاز ملڪ، صادق جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ ھجڻ سبب سنڌ کان ٻين صوبن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي طرفن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ڌرڻي ۾ شريڪ ملڪ برادري جي ماڻھن شڪارپور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته اسان جي نوجوان امداد ملڪ کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ناحق قتل ڪيو آھي اسان جي نوجوان جو ڪو ڏوھه  آھي ته ٻڌايو اسان روڊ کولي ھليا وينداسين امداد ملڪ جو لاش شڪارپور ضلعي جي پوليس ناپر ڪوٽ ۾ روڪي ڇڏيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف انهن سان گڏ کنڀيل عبدالمجيد کوسوکي به شڪارپوليس کڻي وئي آھي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته ان کي به ڪوڙي مقابلي ۾ مايو ويو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.