پ پ سنڌ پاران وفاق خلاف اڄ کان تحريڪ شروع، متحده، قومپرست ساٿ ڏين: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي آبادگارن، هارين، برطرف ملازمن،  شاگردن، بيروزگارن ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۽ سياسي سماجي تنظيمن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، آدمشماري ۾ سنڌ سان زيادتي، وفاقي کاتن مان سنڌ جي 16 هزار ملازمن جي برطرفي، مهانگائي، اين ايف سي ۾ سنڌ کي پورو حصو نه ملڻ سميت سنڌ جي حقن تي ڌاڙي خلاف اڄ 5 سيپٽمبر آچر کان شروع ٿيندڙ احتجاجي  تحريڪ ۾ اسان جو ساٿ ڏين. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نثار احمد کهڙي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي سنڌ جي عوام جو معاشي قتل عام ڪري رهي آهي ان ڪري پيپلز پارٽي عوام جو معاشي قتل عام ڪنهن به صورت ٿيڻ نه ڏيندي ۽ هن وفاقي حڪومت جي آمراڻي فيصلن کي هر هنڌ عوام ۾ وائکو ڪيو ويندو ان لاءِ عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏي. نثار کهڙي چيو ته وفاق طرفان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي خاموش آهي ۽ هو وفاقي حڪومت آڏو هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن ان ڪري جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرستن کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته هو به سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي خلاف پيپلز پارٽيءَ جي تحريڪ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي عوام سان گڏ بيهن. هن چيو ته لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط ڪندڙ اميد آهي ته هاڻي استعيفائون ڏئي پوءِ لانگ مارچ ڪندا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پيپلز پارٽيءَ کي پي ڊي ايم جي پُٺ ۾ ڇرو هڻڻ جو ذميدار قرار ڏئي رهيو آهي ته کيس خبر هجڻ کپي ته پي ڊي ايم بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن سان ئي وجود ۾ آئي ۽ مولانا اِهو ٻڌائي ته هو پي ڊي ايم جو سربراهه هوندي وفاق ۾ تحريڪ هلائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف جي يو آءِ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي اتحادي ڇو آهي؟. هن وڌيڪ چيو ته وفاق جي 12 کاتن مان سنڌ جي 16 هزار ملازمن جي برطرفي واري عدالتي فيصلي خلاف سنڌ پاران سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ صرف سنڌ سان تعلق رکندڙ 16 هزار ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي سنڌ جي ماڻهن کان بدلو وٺي رهي آهي جيڪڏهن وفاق کي عوام جو احساس هجي ها ته وفاقي حڪومت ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ بجاءِ عدالت ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ها شيڊيول مطابق 5 سيپٽمبر تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، 7 سيپٽمبر تي جيڪب آباد، 9 سپٽمبر تي قمبر شهدادڪوٽ، 10 سيپٽمبر تي شڪارپور، 26 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪر ڌرڻا هنيا ويندا جڏهن ته 13 سيپٽمبر تي سکر، 14 سيپٽمبر تي گهوٽڪي، 15 سيپٽمبر تي خيرپورميرس ۾ احتجاج ڪيو ويندو. 16 سيپٽمبر تي شهيد بينظير آباد، 17 سيپٽمبر تي نوشهروفيروز، 18 سيپٽمبر تي سانگهڙ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ته 19 سيپٽمبر تي ميرپورخاص، 20 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ، 21 سيپٽمبر تي ٿرپارڪر ايٽ مٺي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا جڏهن ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙي خلاف 22 سيپٽمبر تي حيدرآباد اربن، 23 سيپٽمبر تي ٺٺو، 24 سيپٽمبر تي سجاول، 25 سيپٽمبر تي بدين، 26 سيپٽمبر تي ٽنڊو محمد خان، 27 سيپٽمبر تي ٽنڊوالهيار، 28 سيپٽمبر تي دادو، 29 سيپٽمبر تي جامشورو، 30 سيپٽمبر تي مٽياري، پهرين آڪٽوبر تي حيدرآباد رورل ۽ 2 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.