ملير پريس ڪلب پاران صوبائي وزير،خاص مددگار ۽ ايڊمنسٽريٽرن کي آجياڻو

ملير پريس ڪلب پاران ملير مان چونڊيل ايم پي اي محمد ساجد جوکيو کي وزارت جو قلمدان ملڻ، سلمان عبدالله مراد کي سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ٿيڻ، ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ملير رياض احمد کتري جي مان ۾ هڪ پروقار آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي ۾ ايم پي اي شاهينا شير علي بلوچ، پيپلز پارٽي ملير جي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر، پي ايس 87 جي صدر امداد جوکيو، آغا طارق پٺاڻ، پاڪستان اسٽيل مل جي پورهيت اڳواڻ ڌڻي بخش سمون، عرس کيڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته ملير پريس ڪلب ماڻهن جو ڪيس اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي، وڏير وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد چيو ته نيازي سرڪار سنڌ جي وفاقي ادارن مان پورهيتن کي بيروزگار ڪري انهن جو معاشي قتل ڪيو آهي، اهڙي عمل جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ،ايم پي اي شاهينا شير علي چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اسان جي ملڪ تان سليڪٽيڊ حڪمرانن جو ظلم ختم ٿيندو،آجياڻي کي ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ملير رياض کتري، پ پ ملير جي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپور، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.