هالا: سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش 18 ڪلاڪن کانپوءِ ڪڍيو ويو

هالا پراڻا جي سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل هڪ ٻئي نوجوان فرحان ولد ميٽر ڪنڀار جو لاش 18 ڪلاڪن بعد درياء مان ڪڍيو ويو، نوجوان جو لاش درياء ۾ ترندي نظر اچڻ تي اتي موجود ٻيڙي هلائيندڙ مهاڻن لاش کي کڻي وارثن تائين پهچايو، درياء جي ڪناري تي موجود وارث پنهنجي جوان فرحان ڪنڀار جو لاش ملندي ئي لاش سان چنبڙي زاروقطار روئيندا رهيا. جڏهن ته اتي پوليس انتظاميه پنهنجي ڪاغذي ڪاروائي ڪرڻ بعد فوتي جي لاش کي مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو. ياد رهي  ته گذريل ڏينهن فرحان ڪنڀار پنهنجي دوست سان گڏ ايس ايم بچاء بند هالا پراڻا تي درياء مان مڇيون مارڻ لاءِ ويل هو،  مٽي جي ڀِڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان درياء ۾ ٻڏي ويا ، ڪاشف جو لاش درياء ۾ ٻڏڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ دريا مان ملي ويو هو جڏهن ته ساڻس گڏ سندس دوست فرحان ڪنڀار جو لاش 18ڪلاڪن بعد درياء مان هٿ آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.