افغانستان جو عوام حقن لاءِ وڙهڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو: احمد مسعود

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي پنجشير ۾ طالبان خلاف مزاحمت ڪندڙ فورس جي سربراهه احمد مسعود چيو آهي ته عوام پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو.

احمد مسعود سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عوام پنهنجن حقن لاءِ مزاحمت ۽ ويڙهه ڪرڻ نه ڇڏيندو، اها مزاحمت رڳو پنجشير وادي تائين محدود نه آهي پر پنهنجي حقن لاءِ ڪوشش ڪندڙ افغان عورتون به ان جدوجهد ۾ شامل آهن.

هن چيو ته افعان عوام آزادي ۽ انصاف لاءِ وڙهي رهيو آهي، مزاحمت جاري رکنداسين، پنجشير ۾ مزاحمت اڃا تائين تيزي سان جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.