واپاري برادري جي حقن لاءِ جدوجهد جاري آهي: الاهي بخش شيخ

سکر(رپورٽر) سکر آٽو پارٽس آنرز ايسوسيئيشن جي صدر حاجي الاهي بخش شيخ چيو آهي ته واپاري برادري جي حقن لاءِ جدوجھد جاري آهي، سکر جا واپاري ڪنهن به ڳالهه ۾ پوئتي ناهن، ملڪ سميت   سکر جا واپاري ناجائز ٽيڪس پوائنٽ آف سيل پاليسي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. واپاري برادري تي آئي ڏينهن نوان ٽيڪس لاڳو ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي.هن اهڙيون ڳالهيون ايسوسيئيشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيون. اجلاس ۾ حاجي هارون ميمڻ، حافظ عمير احمد چوڌري، عبدالرشيد، طارق جاويد، عبدالهادي بنڌاڻي، عبدالغفار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته واپاري برادري کي موجوده حڪومت مان اميد هئي ته ڪورونا سبب ڪاروبار بند ٿيڻ تي ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي، پر موجوده حڪومت واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ بجاءِ نئي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واپاري دشمن پاليسي بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ملير ۾ برساتي پاڻي جي نيڪالي جو ڪم شروع

ملير (ڊ.ر) ڪراچي ۾ ٿيندڙ برساتن جي نتيجي ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه جي خصوصي هدايت تي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي  لغاري برسات دوران شاهراهه فيصل تي پاڻي جي نيڪالي لاءِ جاري امدادي ڪمن جي نگراني لاءِ پهچي ويو، شاهراهه فيصل ۽ايئرپورٽ لڳ جنريٽر پمپز لڳائي پاڻي نڪال ڪرايو ۽ ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکيو ويو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ملير جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رضوان علي عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،ان موقعي تي علائقي واسين ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري ۽ سندس ٽيم کي سلام پيش ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان پاڻ برسات دوران پاڻي جي نيڪالي جي ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهي، برساتن سبب پيش ايندڙ ڏکيائن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ اسان جون ٽيمون 24 ڪلاڪ حاضر آهن، سنڌ سولڊ ويسٽ مينيجمنيٽ بورڊ به پنهنجو ذميواريون بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.