داد لغاري ويجهو ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل

داد لغاري (رپورٽ: امجد لغاري ) داد لغاري ويجهو ڳوٺ بچودڙي ۾پتافي جي ٻن ڌرين ۾ شبير پتافي ۽ مسو پتافي جي ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مسوپتافي جو30 ساله ڳڀرو نوجوان پٽ آصف پتافي گولين جو کاڄ بڻجي موقعي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ڪڌي ڪارو ڪاري رسم ۾ گولين جو کاڄ بڻيل نوجوان آصف پتافي گهرڀاتين سامهون مٿي ۾ گوليون لڳڻ ڪري وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿيڻ جو ٻڌي قتل ٿيل نوجوان جا سوين وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا جنهن سبب علائقو نوگو ايريا بڻجي ويو ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جڏهن ته نوجوان جي قتل ٿيڻ بعد جوابدار پنهجا گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن هوڏانهن نوجوان جي قتل جي اطلاع تي داد لغاري پوليس بروقت پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لا۽ سول اسپتال ميرپورماٿيلو موڪلي ڇڏيو ٻي طرف رات جو دير سان اهڙي اوچتي سانحي ٿيڻ تي مقتول جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ سندس گهرڀاتي اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا ٻي طرف داد لغاري ٿاڻي تي مسو پتافي جي گهر تي حملو ڪري آصف پتافي کي قتل ڪندڙ پتافي برادري جي  جوابدارن شبير ,فدا ,سبحان,خالد ,رفيق ,پتافي سميت 10ماڻهن  مٿان رپورٽ درج ڪرائي وئي پر داد لغاري پوليس خبر فائل ٿيڻ تائين ڪوبه جوابدرا گرفتار نه ڪري سگهي هئي ٻي طرف مقتول جي پيءُ مسو پتافي چيو ته جوابدرن مون ظلم ڪري منهجي پٽ بنا ڏوه جي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمبي نه هئي هن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي بنا دير منهجي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردارتائين پهچائي ٻي طرف ايس ايڇ او داد لغاري ٻڌايو ته نوجوان آصف پتافي پراڻي ڪارنهن تڪرار تان قتل ٿيو آهي جيڪي به ملوث جوابدار هوندا انهن کي بخش نه ڪيو ويندو جن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.