ڏوڪري لڳ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

ڏوڪري ( رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪريءَ ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ کبڻاڻيءَ ۾ هٿياربندن نوجوان انصاف علي ٻگهيو مٿان فائرنگ ڪئي،  فائرنگ جي نتيجي ۾ انصاف علي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد فتح پور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ پراڻي سڱاوتي تڪرا ٻڌايو پيو وڃي. مقتول انصاف ٻگهيو جي مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.