سنڌ ۾ پرڏيهين کي هٿ وٺي آندو پيو وڃي: رياض چانڊيو

ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي سنڌ ۾ غيرملڪين کي هٿ وٺي آندو پيو وڃي ته جيئن اسان  پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃون، غيرملڪين جي آمد جي ڪري امن امان چيلنج بڻيل آھي افغاني بهاري برمي منشيات ، هٿيار وڪرو ڪرڻ کان وٺي قتل غارت ۾ ملوث رهيا آھن،هن چيو ته اسان  آواز اٿاريون ٿا ته اسان مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا  ٿا وڃن

نثار مورائي ۽ ٻين کي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي چيئرمين فشرمين آپريٽوسوسائٽي نثار مورائي سميت ٻين جي سزا  جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت وڪيلن جو چوڻ هو ته نثار مورائي چئن سال کان جيل ۾ آهي. 11ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي .فيصلي جي وقت قانوني نڪتا نظرانداز ڪيا ويا .عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي وڪيلن کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي .03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.