انڊس اسپتال بدين واقعي خلاف مظاهرا

بدين /ٽنڊوباگو(نمائندا)انڊس اسپتال بدين ۾ علاج نه ٿيڻ ۽ ٻه ڏينهن اڳ انڊس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب راڄو خاناڻي  جي رھواسي عورت گلناز شيدي جو ٻارڙو ويم دوران ڪموڊ ۾ فوت ٿيڻ خلاف پ پ سٽي جي اڳواڻن ۽ سماجي اڳواڻن غلام رسول سومرو حاجي مراد چانڊيو امان الله ڪورائي ياسر سنڌو ڪاشف شيدي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته انڊس اسپتال بدين ۾ غريب مسڪين لاچار ماڻهن جو علاج نٿو ڪيو وڃي معصوم ٻارڙن جا روزانو لاش ملن ٿا اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمد کي فورن هٽايو وڃي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيڻ ٻارڙن جي جاچ ڪرائي وڃي، هوڏانهن  ٽنڊو باگو ۾ بدين انڊس اسپتال جي ذيادتين خلاف  سماجي عورتن اڳواڻن ۽ پ پ ورڪرر عورتن اڳواڻن  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي اڳواڻن زرينا بلوچ،زيب خاصخيلي ،رزالا خاصخيلي ،ميرزادي خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته  غريب مريضن کي ڌڪا ڏنا وڃن ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.