بدين ، ميرپورساڪرو ، اوٻاوڙو ۽ شھدادڪوٽ جون خبرون

بدين: خانگي اسپتال عملي جي غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن پاران احتجاج جاري

ميرپورساڪرو : ٻاٻڙا واقعي جا ذميوار ٺٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ ايس پي آھي:نواز شاهه ڀاڏائي
اوٻاوڙو ڀرسان 30 ورهين جي نوجوان جو لاش هٿ ، وارثن پاران زهر ڏئي مارڻ جو الزام

شهدادڪوٽ: ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان  جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

1

بدين جي خانگي اسپتال  ۾ علاج نه ٿيڻ ۽ ٻه ڏينهن اڳ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب راڄو خاناڻي جي رھواسي عورت گلناز شيدي جو ٻارڙو ويم دوران ڪموڊ ۾ڪِري فوت ٿيڻ خلاف پ پ سٽي جي اڳواڻن ۽ سماجي اڳواڻن غلام رسول سومرو حاجي مراد چانڊيو امان الله ڪورائي ياسر سنڌو ڪاشف شيدي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت بدين سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته خانگي اسپتال ۾ غريب مسڪين لاچار ماڻهن جو علاج نٿو ڪيو وڃي،  معصوم ٻارڙن جا روزانو لاش ملن ٿا،  علاج ڪرڻ بدران مريضن کي زوري ريفر ليٽر ڏئي روانو ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته ايڊمنسٽريٽر اخلاق احمد کي فوري هٽايو وڃي ۽ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙن جي واقعن جي جاچ ڪرائي وڃي

2

جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چئيرمين نواز شاھ ڀاڏائي ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ ٻاٻڙا ۾ قتل ٿيل اي ايس آئي سخي ڪلمتي جي وارثن وٽ پھچي ساڻن تعزيت ڪئي بعد ۾ ساڪري ۾ پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته ٻاٻڙا واقعي جا ذميوار ٺٽي جا چونڊيل نمائنده ۽ ايس پي آھي،  واقعي جا اصل جوابدار پڌرا ڪرڻ لاء عدالتي جاچ ڪرائي وڃي،  ٺٽو ضلعو بدامني جو ڳڙھ بڻجي ويو آھي،  مقتول پوليس اھلڪارن جا قاتل اڃان تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا ، زميني تڪرار جو معاملو ڊي سي ۽ روينيو وارا حل ڪن ھا ، پوليس کي اتي وڃڻ جو اختيار ڪنھن ڏنو،  ڇا زمينن تان قبضا پوليس ڇڏرائيندي ته پوء ڊي سي ڇا جي لاء آھي، هن چيو ته اسان جيئي سنڌ محاذ طرفان ٺٽي ۾ پيدا ٿيل بدامني خلاف پرامن ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪريون ٿا ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ حڪومت کان ٻاٻڙا واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا .

3

اوٻاوڙو ڀرسان ڪمون شھيد جي ڳوٺ غلام مصطفى چاچڙ ۾ 30 سالا نوجوان علي حسن پٽ ولي محمد چاچڙ جو لاش گهر مان ھٿ آيو آهي،  فوتي نوجوان جو ڀاء گل حسن چاچڙ ۽ ماء مائي جنت ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام ھنيو ته اسان جي نوجوان جي گهر واري کي روڪي ويٺل ساهرن  زھر ڏئي ماريو آهي،  فوتي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو ۾ ٻن ڪلاڪن تائين پيل رهيو،  ڊاڪٽر ۽ عملو انور شاهه ميلي جي موڪل ڄاڻائي غائب رهيو،  اوٻاوڙو پوليس جو چوڻ آهي وڌيڪ معاملي جي جانچ ڪري رھيا آھيو ن جنهن کان پوء ڪيس داخل ڪيو ويندو.

4

ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل شهزاد چانڊيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ترقي پسند اسٽو ڊنٽس فيڊريشن (ستاف) جي سڏ تي ڪارڪنن پاران  پريس ڪلب  کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ستاف ضلعي صدر اسد سولنگي، رشيد مگسي, ضياءُ کوسو، محسن ميرجت ۽ ٻين چيو ته شهزاد چانڊيو کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي بي دردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جي قتل ۾ ايس ايڇ او سراج خٽڪ ۽ دانش پٺاڻ جا ھٿ رڱيل آهن جن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايو وڃي، هنن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل عام هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي, هنن مطالبو ڪيو ته شهزاد چانڊيو جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري سنڌي ماڻهن ۽ سندس وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.