سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران، صوبائي سرڪار جو ارسا سان هنگامي رابطو

ڪراچي (رپورٽر) آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ صوبو پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن تي آبپاشي کاتي پاران ارسا کي سنڌ صوبي کي پاڻي معاھدي 1991/  جي 14 (ڊي) شق تحت ھڪ لک 30 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ، ان بعد اڄ ارسا ھڪ ھنگامي اجلاس ڪوٺائي سنڌ جي نمائندي کي طلب ڪري ورتو جنھن ۾ سنڌ جي نمائندي ارسا اختيارين کي صوبي ۾ پاڻي جي شديد بحران بابت آگاهه ڪيو جنهن بعد ارسا 14 (ڊي) شق تحت سنڌ صوبي کي پاڻي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي،اهڙن خيالن جو اظهار ھن پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو،هن  چيو ته ارسا سنڌو درياءَ تي سي جي ۽ ٽي پي جھڙا غير قانوني لنڪ ڪينال لڳايا آهن انھن خلاف سنڌ صوبو هميشه پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رھيو آهي، اهي لنڪ ڪينالز فوري طور تي بند ٿيڻ گھرجن ،هن چيو ته  ته سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ ارسا جي گڏجاڻين ۾ صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف احتجاج ڪندي رهي آهي ۽ ارسا صوبن جي وچ ۾ پاڻي معاھدي تحت منصفاڻي ورڇ ۾ ناڪام وئي آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي سان ھميشھ   ناانصافي ڪئي وئي آهي، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي اندر پاڻي جي کوٽ ۽ چوري تي ضابطو آڻڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ صوبائي ڪابينا سان صلاح مشوري کانپوءِ آبپاشي فورس قائم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.