اسڪول بند ڇو نه هجن؟

تحرير: ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

هر پاسي کان اهڙا آواز اچن ٿا ته اسڪول بند نه هجن. ٻارن جو نقصان ٿئي ٿو. ٻار پڙهائيءَ کان پري هليا ويا آهن. وغيره وغيره. ڪنهن ته هڪ ڏاڍي عجيب ڳالھه  ڪئي ته پهريان به ته ڪيتريون ئي وبائون آيون هيون پوءِ به ڪڏهن اسڪول بند نه ٿيا هئا ته هاڻي ڇو؟ ..ان سلسلي ۾ منهنجي هڪ ادنيٰ راءِ آهي، ممڪن آهي ته ڪيترا ان سان سهمت نه هجن، پر مونکي پنهنجي راءِ بيان ڪرڻ جو حق آهي، ممڪن آهي ته ڪنهن کي اها ڳالھه  سمجهه ۾ اچي به وڃي.

هڪ ته ڪورونا وائرس تاريخ جي پوين سڀني وچڙندڙ بيمارين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ٻيو ته اها جهڙيءَ طرح ڦهلجي ٿي يعني ساهه ذريعي، ته اها ڳالھه  اڃان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.هتي حال اهو آهي جو ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ئي نه ٿا بچائين ڪو مڃي نه مڃي پر وڏا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به ان مزاج جا آهن ته ڪٿان ڪو اهڙو ماحول ملي جو ماسڪ لاهڻو پوي ۽ ائين ٿئي به ٿو،هڪ ماڻهوءَ کي ماسڪ پاتل آهي، پر هو جڏهن ڏسي ٿو ته ڀرپاسي چئن ٻين کي ماسڪ ناهي پاتل ته هو پنهنجو ماسڪ به لاهي ”جاڙِي به جڳ سئين“ وانگر وڏي تسليءَ سان ماسڪ کيسي ۾ وجهي ڇڏي ٿو، بجاءِ ان احتياط جي ته سامهون وارن مان ممڪن آهي ته ڪنهن مان ان وائرس جو خطرو هجي ۽ جيڪڏهن سامهون واري کي ان ڳالهه جو احساس ناهي ته کيس اهو احساس ياد ڏيارجي ۽ هڪ بهتر ڳالهه کي ڦهلائجي. انکانپوءِ ڀلي ڪير نه مڃي.

پراها به هڪ حقيقت آهي ته عام طور تي ماڻهو ماسڪ پنهنجي پاڻ کي وبا کان بچائڻ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پائن ٿا ۽ جتي وارو ملي ٿو ماسڪ مان جان ڇڏائي آزاديءَ سان ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بنا اهو سوچڻ جي ته ان آزاد هوا ۾ ڪيترائي وبائي جراثيم به آزاديءَ سان گهمن ٿا جيڪي موقعوملندي ئي ماڻهوءَ کي پنهنجي وڪڙ ۾ قيد آڻڻ لاءِ هر وقت آتا پيا گهمن. عام طور تي گهرن جو اهو حال آهي ته مرد جيڪڏهن ڊيوٽيءَ تي وڃي ٿو ته هو ماسڪ پائي ويندو، پر عورت جيڪا جيڪڏهن گهر ۾ ويٺي آهي ۽ جيڪڏهن سودو، سبزي ڀاڄي وغيره وٺڻ لاءِ ٻاهر وڃي ٿي ته ان لاءِ ماسڪ ناهي. ضروري ته ناهي پر جيڪڏهن گهر ۾ پيو هوندو ته به اهو نه پائيندي ۽ بچائي رکندي ته اهو پوءِ ڪم ايندو. وري جيڪڏهن کين احساس ٿئي به ٿو ته گهڻي قدر ماسڪ پائڻ جي زحمت انڪري به نه ٿيون ڪن ته جڏهن پوتيءَ سان نڪ ۽ وات ڍڪي سگهجي ٿو ته پوءِ ماسڪ پائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ کين ڪير ٻڌائي ته سندن ”پوتيءَ“ ۾ ڪيترا جراثيم چنبڙيل هوندا؟ (مونکي معاف ڪجو مون پهريان ئي چيو آهي ته ڀلي مونسان سهمت نه ٿجو پر اهي ڏٺل وائٺل حقيقتون آهن، جن کي ڏسي ۽ ڪجھه  نه نه ڪري سگهڻ تي افسوس به ڏاڍو ٿيندو آهي). هاڻي جتي وڏن جا مزاج ۽ رويا اهڙا هجن اتي ٻارن کان ڪهڙي توقع رکي سگهجي ٿي؟

مڃيوسين ته ماسڪ کانسواءِ ٻارن کي اسڪول ۾ داخل نه ٿيڻ ڏنو ويندو. مڃيوسين ته ڪلاس جي اندر ٻارن کي ماسڪ  پارايا ويندا. مڃوسين ته هر ٻار تي ڪڙي نظر رکي ويندي. ٻارن کي هڪٻئي کان پري ويهاريو ويندو.اهي سڀ اصول طئي ٿي ويا  پر انهن تي عمل ڪيترو ٿيندو؟ ان تي عمل ڪرڻ جي پڪ ڪير ڪرائيندو؟ يقينن اها اسڪول انتظاميا جي ذميداري آهي. پر اهي سڀ پري کان ويهي چوڻ جون ڳالهيون آهن. اسڪول هڪ ننڍڙي سماج وانگر آهي. ڇا سماج ۾ اسين انهن احتياطن تي اوتري سختيءَ سان عمل ڪرائي سگهيا آهيون جيتري توقع اسڪول ۾ ٻارڙن کان ڪريون ٿا؟ جتي وڏن جو مزاج اهڙو هجي جو موقعو ملڻ شرط ۾ سڀ کان اڳ۾ ماسڪ مان ٿا جان ڇڏائن اتي ٻار ڇا ڪندا؟  خاص ڪري پرائمريءَ ۽ سيڪنڊريءَ جا معصوم ٻار؟ ڪير ڪيئن سمجهي سگهي ٿو ته هڪ ٻار تمام ذميداريءَ سان سوين ٻارن جي هجوم مان پاڻ کي وبا کان بچائي ايندو؟

اسان جي هڪ وچولي درجي جي اسڪول جو ڪهڙو حال آهي؟ ڇا اهو ڪنهن کان ڳجهو آهي؟ استاد جنهن جو ڪم ئي ٻار کي پڙهائڻ آهي سو ڪيترو پنهنجي ذميداريءَ کي پورو ڪري ٿو؟ ان حال جي سڀني کي خبر آهي. اهڙي ماحول ۾ استاد کي ٻارن جي پڙهائيءَ سان گڏ صحت جي خيال رکڻ جي ذميداري ڏني به وڃي ته هو اها ڪيتري پوري ڪندو؟ ڇا سوٽين سان ٻارن کي ماسڪ پارائيندو يا کين هڪٻئي کان پري ٿي ويهڻ، هلڻ، ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو؟ اها رڳو سوچڻ، پلان ڪرڻ، رٿ ڏيڻ جي ڳالھه  ناهي اها عمل ڪرڻ جي ڳالھه  آهي. ۽ عمل ڪرڻ جي ذميداري وڏن جي آهي، ٻارن جي نه. ميٽرڪ جا ٻار وري به ايترا سمجهدار ٿين ٿا پر ننڍڙن ٻارن کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرائڻ هڪ ڏکي ڳالھه  آهي.

ٻي ڳالھه  ته  ٻارن جي اميونٽي وڏن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندي آهي، انڪري ئي ڪنهن به بيماريءَ جو اثرٻار ئي گهڻو وٺندا آهن. گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان ٻارن ۾ سيني ۽ ساهه جي تڪليف عام ٿيندي پئي وڃي. نيبولائيزر، ڇهن ڇهن مهينن واريون اينٽي الرجي دوائون واپرائڻ عام ٿي ويو آهي. چند مهينن جي ٻارن ۾ نمونيا، سيني جو انفيڪشن، سيني ۽ ساهه جي تڪليف وارين بيمارين جو لاڳيتو ڊگهي عرصي تائين هلڻ عام ٿي ويو آهي،  ٻيو ته هينئر وڏا ايتري رسڪ تي ناهن جيترا ٻار آهن ڇو ته ٻارن جي ويڪسين به اڃان آئي ئي ناهي. فرض ڪريو جيڪڏهن ٻار اسڪول مان وائرس گهر کڻي آيو ته مائٽ وٽ ان کي بچائڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ هينئر ئي اهڙي صورتحال آهي جو اسپتالن ۾ وارڊ ڀريا پيا آهن. جن ۾ شڪر آهي جو ٻارن جو انگ نه هئڻ برابر آهي، پر اهو انگ وڌڻ لڳو ته ڇا اسان وٽ ٻارن جون ايتريون اسپتالون آهن؟ ظاهري ڳالھه  آهي ٻار وڏن واري وارڊ يا آئي سي يو ۾ ته نه رکبا. اسپتالن ۾ وڏن لاءِ ته ميڊيڪل توڙي سرجيڪل ۽ ٻين اسپيشلٽين وارا وارڊ بند ڪري انهن کي ڪووڊ جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ٿو ۽ مريضن کي انهن ۾ رکن ٿا ۽ هر اسپيشلٽيءَ مان ڊاڪٽر ڪڍي انهن وارڊن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪلن ٿا. پر ٻارن جا ڊاڪٽر مخصوص ٿين ٿا ۽ سندن انگ به ٻين ڊاڪٽرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿو.

ان  صورت ۾ نوان نوان چيلينج وٺڻ بدران اهو تمام سولو طريقو آهي ته ٻارن کي گهرن مان ڪجھه  عرصو ڪڍجي ئي نه. ٿورو عرصو لڳندو، ۽ هاڻي ته انگ گهٽجي رهيو آهي. جتي 40 سيڪڙو هو اتي 14 ۽ 12 سيڪڙو رڪارڊ ٿي رهيو آهي. جيڪو به انشاءلله ڪجھه  ڏينهن ۾ اڃان به گهٽبو. ويڪسين جي ڪاميابيءَ جو اثر به ٿيندو. پوءِ يقينن ڪجھه  بهتر ماحول ٿيندو. سڀ کان وڌيڪ بهتر ته تڏهن ٿيندو جڏهن ٻارن جي ويڪسين اچي ويندي..

ته پوءَ ڇا ٻارن جي تعليم جو نقصان ڪجي؟  ته بلڪل نه ڪجي. ٻارن لاءِ تعليم ائين ضروري آهي جيئن کاڌو. پر جتي ٻار جي تعليم جي قيمت صحت سان ادا ڪرڻي پوي ته اتي ٻار جي تعليم سندس صحت کان ٻئي نمبر تي اچي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.