اسلام آباد ۾ ٻه مختلف قانون سسٽم جي ناڪامي آهي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته وفاقي تخت گاهه ۾ ٻه مختلف قانون سسٽم جي  ناڪامي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪچي آبادي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سي ڊي اي وڪيل چيو ته ڪورنگ نالي ڪناري ڪجهه ماڻهن غير قانوني رهائش اختيار ڪئي آهي، جڏهن ته عملي وارا ويندا آهن ته اهي هٿيار کڻي اچي ويندا آهن، برسات ۾ ٻوڏ جي خدشي سبب نالي جي بيڊ تي ويهندڙن کي علائقو ڇڏڻ جو نوٽيس ڏنو. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن سسٽم صحيح هلي رهيو هو ته حددخليون نه پئي ٿي سگهيون، جيڪي نالي ڪناري آباد آهن ته انهن جي پنهنجي سيفٽي لاءِ به خطرو آهي، سڀاڻي جيڪڏهن ٻوڏ اچي وڃي ته ذميوار ڪير هوندو؟ هن چيو آئيني عدالت جو ڪم ڪمزور طبقن جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي، اي اليون ۾ نالي تي اڏاوتن سان تباهي ٿي وئي، قانون لاڳو نه ٿيڻ تي ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيون ۽ ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪيون..03

ناليوارو ڊائريڪٽر طاهر آرائين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌي ميڊيا ۾ پاڻ کي مڃائيندڙ ۽ ڌرتي ٽي وي جي پروگرام ڊائريڪٽر طاهر آرائين لاڏاڻو ڪري ويو.  طاهر آرائين  ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊائو اسپتال ۾ داخل هو.  طاهر آرائين ساھ ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو. طاهر آرائين سنڌي ميڊيا ۾ پڻ پاڻ کي مڃايو۔  طاهر آرائين جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ شاهپور جهانيا ن نيو ويو۔ طاهر آرائين جو مڙھ اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي سوڳ ۾ علائقو بند ٿي ويو.  هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ايم اين شازيا عطا مري طاهر آرائين جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته طاهر آرائين سنڌي ميڊيا ۾ پاڻ کي . صوبائي وزير امتياز شيخ ، سعيد غني به طاهر آرائين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار  ڪيو آهي. 03

دوائون  150 سيڪڙو مهانگيون،  ڪتي چڪ ويڪسين جو هڪ ڊوز  1641 رپيا

اسلام آباد( م ڊ) حڪومت دوائون 150 سيڪڙو مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ  حڪومت ٽن ورهين ۾ 12 ڀيرا اگهه وڌايا آهن. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  اگهن ۾ واڌ بعد ڪتي چڪ جي اينٽي ريبيز ويڪسين جي هڪ ڊوز جو اگهه 1641 رپيا ٿي ويو آهي . حڪومت 5 آگسٽ تي به دوائن جو اگهه وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. 03

ڪارونجهر کي ڪٽي پٿر کڻڻ جو سلسلو جاري

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر جي فطري ۽ ثقافتي ورثي ڪارونجهر کي ڪوري ٽُڪي ختم  ڪرڻ جا سانڀاھ تيز ٿي ويا آهن،جنهن سبب روزاني جي بنياد تي گرينائيٽ جو قيمتي پٿر کڻي وڃڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڪالهه ننگرپارڪر مان پٿر کنيو ويو،جيڪو ٽرالر پٿر کڻي سرعام  اسلام ڪوٽ کان اڳتي ويندي نظر آيو پر انتظاميا انهي کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا،جنهن سبب سگهاريون ڌريون سنڌ جي ثقافتي ماڳ ڪارونجهر کي ٽُڪي ختم ڪرڻ جي ڪڍ لڳي ويون آهن، ،ٻئي پاسي ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي اڳواڻن عطا محمد رند، ديال صحرائي ، همير سومري۽ ٻين  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  چيو ته ڌرتي جي گولي تي موجوده سڀ  کان پراڻي جبل، هزارين جڙي ٻوٽين، سوين پاڻي جي ندين ۽ چشمن، جانورن، ناياب پکين ۽ حسين منظرن کي جيئندان بخشيندڙ خوبصورت جبل جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.