ميڊيا اٿارٽي بابت تجويزون قبول ڪيون وينديون: فواد چوڌري

اسلام آباد  ( رپورٽ رازقڏنو کوسو ) وفاقي وزير اطلاعات و نشريات  فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان  اهم اسٽيڪ هولڊر آهي اسلام آباد ۾ سندس آفيس ۾ بدين پريس ڪلب  جي سينئر صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن  چيو ته آمريڪا اسان جي ڳالھ نه مڃي هن چيو ته  آمريڪا اسان جي تجويز تي عمل ڪري ها ته هن وقت افغانستان ۾ غير يقيني واري صورتحال نه هجي ها هن  چيو ته ملڪ ۾ حقيقي صحافت جو ڏڪار آهي ايتري قدر جو ڪجھ ميڊيا هائوسز مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن ۽ ملڪ ۾ حقيقي صحافت ڪندڙ ۽ ميڊيا جي ورڪرن کي ڪنهن به قسم جو معاشي تحفظ حاصل نه آهي وفاقي حڪومت ميڊيا مالڪن کي 70 ڪروڙ روپين کان مٿي رهتون ادا ڪيون آهن پر اهي مالڪان پنهنجي ورڪرن کي پگهارون به نه ٿا ڏين ميڊيا ۽ ملڪ جون صحافتي تنظيمن جا ليڊر صحافين ۽ميڊيا ورڪرن جي ميڊيا هائوسسز جي مالڪن سان گڏ بيٺل آھن هن چيو  ته سوشل ميڊيا به بي لغام بڻيل آهي سوشل ميڊيا سبب ڪنهن جي به عزت محفوظ نه آهي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ ۽ فيڪ نيوز جي روڪٿام جي قانون کان سواءِ هر معاملي تي ميڊيا هائوسز سان ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار آهيون سنڌ جي صورتحال تي ڳالهائيندي وفاقي وزير فواد چوڌري ڳالهائيندي چيو ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ آئين تي عمل نه ٿي رهيو اسان هن مهل تائين سنڌ کي 19 سئو ارب ڏنا آهن پر سنڌ ۾ ترقي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي هن آئين جي آرٽيڪل 140 اي جو حوالو ڏيندي چيو ته وفاق ٽيڪس جمع ڪري ان جو 60 سيڪڙو صوبن کي ڏيندو آهي جيڪو صوبي کي ضلعن کي ورهائي ڏيڻا آهن پر سنڌ ۾ ضلعن جي ترقي جي رقم اوستائين نٿي پهچي هن سنڌ ۾ صحت ڪارڊ شروع ڪرڻ چاهيون ٿا پر سنڌ حڪومت سندس حصي جي اڌ رقم ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدين ضلعي جي عوام سياسي طور شعور رکندڙ آهي  اتان جي صحافين هميشه عوام جي حقيقي مسئلن کي اجاڳر ڪيو آھي هن چيو ته بدين ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي جنهن ڪري اتان جي صورتحال خراب آھي ان موقع تي بدين پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين وفاقي وزير کي بدين جي صحافين سان درپيش مسئلا پيش ڪيا وفد ۾ سينئر صحافي مرتضي ميمڻ شوڪت ميمڻ حميد سومرو عمران خواجه شفيع ميمڻ سليمان مينڌ رو اشفاق ميمڻ سانوڻ خاصخيلي ملڪ الياس شڪور ميمڻ خالد عباسي دودو پنھور نور حسن سولنگي مجيد ملاح شامل هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.