خيرپور ۾ بدامني جي باهه، 24 ڪلاڪن اندر چار موٽر سائيڪلون ڦر

خيرپور (ڊر )خيرپور شھر ۾ هڪ دفعو ٻيھر بدامني جي باه ڀڙڪي اٿي 24ڪلاڪن اندر 4 موٽرسائيڪلون،6 موبائيل فون،روڪ رقم ڦر ڪري ويا، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ اچي وئي پوليس خاموش  تماڇائي بڻيل ان سلسلي ۾ متاثر شھرين مو لانا هدايت ڦلپوٽو ٻڌايو ته اي سيڪشن ٿاڻ جي حد غريب آباد واري گھر مان نامعلوم چور گھر ۾ بيٺل موٽرسائيڪل جا تاال ٽوڙي ڪاهي ڦرار ٿي ويا جڏهن ته ايس ايس پي هائوس ڀرسان نويد احمد پنجاپي جي موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاهي ڦرار ٿي ويا جڏهن ته خاڪي شاه پل هوٽل تان ۽ محال ڏٻر مان نامعلوم چور موٽرسائيڪلون ڪاهي ڦرار ٿي ويا هوڏانھن 6 شھرين کان نامعلوم چور موبائليون فون ڦر ڪري ڦرار اطلاع  جي باوجود حد جي پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي شھرين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڦر ڪل موٽرسائيڪلون ۽ موبائل واپس ڪرايون وڃن نه ته شھري احتجاجي تحريڪ  هلائي ويندي، جنھن جي ذميواري پوليس تي هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.