پاڪستان ۾ ھيرو ازم واري سياست ۽ سماجي تبديلي وارو خواب

تحرير: طفيل مگسي

پاڪستان جي سياسي نظام ۾ ڪارپوريٽ ميڊيا جي وسيلي سماجي تبديلين جهڙي عمل کي دوکي سان تعبير ڏئي عوام کي گهمراهه ڪيو ويندو آھي\ وڃي ٿو.يعني جڏھن به نالي ماتر اليڪشن ويجهو ايندي آھي ته انهيءَ وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت اهو فرد جيڪو چونڊن جو اميدوار هوندو آھي .پوءِ چاهي اهو ان چونڊ جي لائق هجي يا نه به هجي.پر هن کي ڄاڻي واڻي پڇ ٻڌي مهري ڪيو ويندو آھي يعني هيرو طور پيش ڪيو ويندو آھي\ وڃي ٿو.۽ جنهن جي باري ۾ سندس ڇاڙتا.چمچا يا ٽڪرن تي پلجندڙ اهو تاثر ڏيندا آھن ته اميدوار نهايت سمجهدار.سچو ۽ عوام جو خانداني هڏ ڏوکي آھي.چونڊن ۾ کٽي آيو ته ملڪ جي بي انتها ۽ لازوال خدمت ۽ ترقي ڪندو يا پنهنجي وات جو گرهن به ڪڍي عوام کي وجهندو( يعني ملڪ جو سهڻي.مانائتي ۽ ڍنگ سان ٻيڙو ٻوڙيندو) اهو فرد واحد آھي.جيڪو الادين جي چراغ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.جيڪو ملڪ جي سمورن مسئلن کي موسي عليھ السلام جي لٺ جي اشاري  جيان مڪ جي اندر کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ڇڏيندو.ماضي جي سڀني محرومين جو خاتمو ڪندو.پر سوال اهو آهي  ته اهڙي قسم جي دعوي جي اصل حقيقت ڪهڙي هوندي آھي؟ اجاره دار طبقي جو هڪ نئون روپ؟ يا فرسوده نظام کي هلائڻ جي هڪ بيڪار حڪمت عملي؟ اهڙن قسمن جي مسئلن سان اسان جو ماضي سٿيو پيو آھي يعني اهو نظام ڪنهن کي اميرالمونين جي روپ ۾ مذھبي ويس پارائي سامراجي مقصد پورا ڪري ٿو ۽ ڪڏھن گهر .ماني ۽ ڪپڙي جي نظريي ۾ سرمائيدار ۽ جاگيردار ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽي ڦري رهيو آھي.ڪڏھن ملڪ سنوايو جو دبنگ اعلان.ڪڏھن قرض ادا ڪريو جي نالي تي.ته ڪڏھن ڊيمن جي ٺاھڻ جي اعلان ته ڪڏھن وري تبديلي جي نالي تي ماڻھن کي بيوقوف پڻ بڻايو وڃي ٿو.پر ياد رکڻ واري ڳالھ اھا آھي ته ساڳي ٽيم چورن.ڦورن ۽ يزيدن واري هوندي آھي.يعني اليڪٽيبلز سهوليت يافتا طبقا( جاگيردار ۽ سرمائيدار) ۽ انگريزن جي فرسوده فڪر يعني ڪالونيلزم تي تربيت بيوروڪريسي.برطانيا1793ع  جي تحت جاگيردار طبقو پيدا ڪيو ۽ ان جي تربيت جي لاءِ  ايچي سن ۽ ايڊورڊ جھڙا تعليمي ادار قائم ڪري فرسوده ڪالونيل فڪر تي انهن جي تربيت ڪئي.۽ اڄ به ساڳيو ئي طبقو يعني جاگيردار.سرمائيدار ۽ بيورو ڪريٽ برطانيا جي قائم ڪيل جاگيرداري نظام جي ذريعي ملڪي وسيلن تي قابض آھي ۽ برطانوي ۽ امريڪي سامراج جي ريجن ۾ نمائندگي ڪري ٿو.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ملڪ جو اهو هڪ سيڪڙو طبقو اليڪشن جي ڊرامي ۾ عوام جي اکين ڌوڙ وجهي ٿو.علي بابا جي تبديلي وارا راڳ الاپي ٿو باقي چاليهن چورن جي ڪابينا ۽ تربيت يافتا بيورو ڪريسي اهائي رهي ٿي.پارليامينٽ ۾ پهچڻ جي لاءِ  اهليت يا قابليت جي بجاءِ پئسو وهي ٿو.وسيلن ۽ ڪاروبار تي قابض طبقو سولائي سان پارليامينٽ ۾ پهچي وڃي ٿو.  طبقو .مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس طبقو جيڪو ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آھي.پاڻ منجهان ڪنهن نمائندي کي اسيمبلي ۾ نٿو پهچائي سگهي. بلڪ اهو پنهنجي مرضي جو ووٽ ڏيڻ جو پڻ حق نٿو رکي.ائين جاگيردار ۽ سرمائيدار بالادست طبقي جي ئي حفاظت ڪن ٿا.انهن جون پاليسيون ۽ فلاح وبهبود هڪ سيڪڙي واري طبقي جي چوڌاري گهمي ٿي.

مدي خارج نظام جي سبب کان لاشعور عوام هر ڀيري انهن ٺڳن.رهزنن ۽ ڌاڙيلن جي هٿان دوکو کائي وڃن ٿا.حقيقت ۾ اھو طبقو ٽوٽل آبادي جو هڪ سيڪڙو به ناهي.پر ملڪ جي پنجاسي سيڪڙو وسيلن جا     مالڪ آھن.انهيءَ طبقي قومي فيصلن ڪرڻ جو اختيار آھي.جيڪو 99 سيڪڙو غريب عوام کي    پٽ گروي رکي ڪري 44ارب روپين کان وڌيڪ قرض وٺي ڪري هڙپ ڪري چڪو آھي.انهيءَ سان گڏوگڏ ملڪي وسيلن کي ملٽي نيشن وٽ گروي رکي ڪري پاڻ ڪميشن مافيا جو روپ اختيار ڪري چڪو آھي.غير ملڪي استحصالي ادارا قومي وسيلن کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ملڪيت سمجهي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آھن.جنهن جا حقيقي وارث مسڪين ۽ بي سهارا فرد آھن.غريب عوام کي ته صرف ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آھي.قومي مامرن جو شعور نه هئڻ ڪري جهموريت هجي يا ڊڪٽيٽرشپ حڪومت جي مشينري اهوئي هڪ طبقو هلائي ٿو.

جيڪڏھن سموري مشينري ائين هجي صرف هڪ بندو هيرو جي طور تي متعارف ڪرايو وڃي ته ڇا اهو نظام جي مشينري جو پوئلڳ هوندو؟ اهو ڪنهن جي لاءِ  ڪم ڪندو؟ عوام جي لاءِ  يا پنهنجي اليڪٽيبلز جي لاءِ  ؟ فرسوده نظام جي مشينري کان ته اهوئي نتيجو ملندو؟ جنهن مقصد جي لاءِ  برطانيا ان کي ڊيزائن ڪيو هو.ان وقت ان کي ڊيزائن ڪرڻ جو مقصد برصغير تي پنهنجوڪنٽرول ڪرڻ ھو.جيڪو هينئر تائين قائم آھي ۽ ان نظام کان خطي جي عوام کي فائدو ملڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.

ڇا هر ڀيري هڪ نئون چهرو هڪ نئين هيرو جي طور تي متارف ڪرائڻ سان استحصال ختم ٿي ويندو؟نه بلڪ ان ظلم کي هڪ نئين طاقت ملندي.جيستائين سوسائٽي جو سياسي.معاشي ۽ معاشرتي پراڻي ڍانچي جي نئون متبادل ڍانچو.جنهن۾ ھڪ ٽيم به تيار ڪئي وئي هجي.   تبديلي ممڪن ناهي.چهري ۽ حڪومت جي تبديلي سان ته صرف عوام جو ذھن بدلايو وڃي ٿو.بلڪ جهمور جي ڪاوڙ جلسن.جلوسن ۽ اليڪشن جي ذريعي ڪڍيو وڃي ٿو.

جيڪڏھن پاڪستان جي سياسي پارٽين جو جائزو وٺون ته ڇا اهي پنهنجي ورڪرز جي لاءِ  ڪو تربيتي پروگرام رکن ٿيون؟سياسي شعور ڏين ٿيون؟ بلڪل نه.قومي سياسي پارٽيون  ڪنهن نه ڪنهن خاندان جي فرد جي قبضي ۾ آھن.سرمائيدار خاندان اليڪشن جي نالي تي سرمائيڪاري ڪري ٿو.۽ پوءِ حڪومت ۾ اچي ڪري سڀ ڪسرون ڪڍي ڇڏي ٿو.ڪڏھن اٽي جو بحران.ڪڏھن کنڊ جو بحران.ڪڏھن ڪنهن ٻئي شيءَ جي قيمتن ۾ واڌارو ته ڪڏھن بجلي مهانگي ته ڪڏھن گئس.يعني زندگي جي بنيادي گهرجن تائين رسد ممڪن ئي ناهي رهي.بهتر مستقبل جي دعويٰ سان گڏ هر حڪومت جي دور ۾ ملڪي قرضن جو تناسب تمام گهڻو ملي ٿو.هتان جو نام نهاد سرمائيدار طبقو انٽرنيشنل اجارا دار طبقي جو نمائندو ئي بڻجي وڃي ٿو.ٽين دنيا جو حڪمران ته انهن ڪمپنين جو نمائندو بڻجي ڪري جهمور کي هڪ گراڪ جيان ڊيل ڪري ٿو.

مولانا عبيد الله سنڌي انهيءَ متعلق فرمائي ٿو ته سماجي تبديلي جي لاءِ ٽن شين جو هئڻ اشد ضروري آھي.

1 فلسفو\ نظريو\چٽو نصب العين.

2 تربيت يافتا پارٽي.

3 تبديلي جو ٺوس پروگرام

مطلب ته سماجي تبديلي جي لاءِ  هڪ اهڙي پارٽي هئڻ جي سخت ضرورت آھي.جيڪا هلندڙ سسٽم جي خامين کي سڃاڻيندي هجي ۽ متبادل سسٽم جي سوچ سمجه تي پاور فل هجي.ان کي لاڳو ڪرڻ ۽ ھلائڻ جي لاءِ  مڪمل قابليت رکندي هجي.۽ جيڪا پنهنجي نصب العين تي پارٽي جو هڪ مضبوط داخلي نظام رکندي هجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.