”ڪورونا“ پوري دُنيا ۾ نه رُڳو زندگيءَ جي ڪنهن هڪ يا خاص شعبي کي متاثر ڪيو آهي پر جتي جتي وبا جي رسائي ٿي آهي اُتي وڏي تباهي آندي آهي، جنهن ڪري هر شعبي ۾خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جي ازالي لاءِ ويجهڙائي ۾تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي، پوءِ چاهي اُهو صحت، تعليم، معيشت يا ٻيو ڪو شعبو ڇو نه هجي.
اڃا تائين به وچرندڙ وبا جي ڪري پوري دُنيا جيان اسان جو مُلڪ پڻ جنگ جوٽي رهيو آهي. جڏهن ته وبا کان بچاءُ جي سلسلي ۾وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن پاران وقتن بوقتن احتياطي اُپائن ۽ ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل جي حوالي سان هدايتون جاري وينديون آهن پر اسان وٽ اُن اُپائن تي عمل درآمد وارو سوال پيدا ئي نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي وري اسان وبا کي ايترو سنجيده ٿا وٺون، اهڙي صورتحال ۾ويتر وبا جي پکڙجڻ جو خطرو جيئن جو تيئن وڌي رهيو آهي.
تازو ئي ڪورونا جي ٽئين لهر پيدا ٿيڻ کانپوءِ اسان وٽ هڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي وئي آهي. جڏهن ته اُن سموري جنگ جو محور هڪ ته لاڪ ڊائون آهي ۽ ٻيو اسڪولن جو بند رهڻ آهي. لاڪ ڊائون سبب پوندڙ ناڪاري اَثرن بابت اڳ ۾ پُڻ گهڻو ڪجهه لکيو، ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو آهي پر سنڌ ۾ هينئر خاص طور تي ”اسڪولن جي بندشي“ هڪڙي نئين موضوع کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.
گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته وبائي صورتحال ۾اسڪول بند رهڻ گهرجن. جڏهن ته ٻيو هڪڙو اُهو ٽولو آهي، جنهن اسڪول کولڻ جي حوالي سان مُهم شروع ڪري ڇڏي آهي، اُنهن ۾خاص طور تي خانگي اسڪولن جا مالڪ آهن، جن جو خيال آهي ته اسڪول کُلڻ گهرجن. جڏهن ته اُنهن پاران طرحين طرحين جا بيان جاري ڪيا پيا وڃن ۽ سوال اُٿاريا پيا وڃن. بيان جيئن ته؛ ”سنڌ کي تالا نه پر تعليم کپي“، ”تعليم دشمن هر دستور نامنظور“ وغيره وغيره. سوال جيئن ته جيڪڏهن ٻين صوبن ۾اسڪول کُليل رڳو سنڌ جا تعليمي ادارا بند ڇو؟ ڇا ڪورونا رڳو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾آهي؟ وغيره. توڙي جو تعليم سان جُڙيل اهي تمام سوال پنهنجي نوعيت ۾انتهائي معنيٰ خيز آهن پر منهنجو سوال اُنهن سڀني مُهم هلائيندڙن کان آهي ته ڇا توهان ڪووڊ واري صورتحال کان اڳ سنڌ ۾ڪڏهن تعليم جي بهتري لاءِ ڪڏهن آواز اُٿاريو آهي؟ ڇا سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪو احتجاج ڪيو آهي؟ سنڌ جي سوين اسڪولن ۾سهولتن جي اُڻاٺ آهي ڇا اُن بابت اوهان ڪڏهن ڪو لائحه عمل جوڙيو؟ ٻيو ته ٺهيو ڇا توهان پنهنجن اسڪولن ۾ ڪڏهن ڪورونا بابت احتياطي اُپائن تي عمل ۽ ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرايو آهي؟ ڇا توهان جي اسڪول جو سمورو عملو وئڪسينيٽڊ آهي؟
اڪثر خانگي اسڪولن ۾پڙهائيندڙن کان وئڪسين هڻائڻ بابت ڪا خاص پڇا ڳاڇا ناهي. باقي ٻارن جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته 80 سيڪڙو ٻار بنا ماسڪ جي اچن ٿا، اُنهن جو ٽيمپريچر به منظم نموني چيڪ نه ٿو ٿئي! مٿي ڄاڻايل سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته مهم هلائيندڙن کي سنڌ جي تعليم سان ڪا به دلچسپي ناهي بس اونو رڳو پنهنجو دڪان کليل رکڻ جو آهي. توڙي جو اهي ڳالهيون اُنهن تعليمي گهڻ گهرن جي دل تان ناگوارا گذرنديون، بدلي ۾سوال پڻ ڪندا ته اسان سرڪاري اسڪولن کان بهتر ۽ معياري تعليم ٻارن کي مهيا ڪري رهيا آهيون پوءِ اعتراض ڇو؟ ياد رکڻ گهرجي ته گابا، آفاق يا آڪسفورڊ سيريز جو سليبس پڙهائڻ کي تعليمي معيار سان جوڙي نه ٿو سگهجي. معيار جو تعين اُن ڳالهه مان ٿيندو ته توهان ٻار ڪهڙا پيدا ڪري رهيا آهيو، ٻارن جو لرننگ آئوٽ ڪم ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي؟
باقي رهي ڳالهه تعليمي بحران ۽ نقصان جي، سو اُن ڳالهه کان نظر بلڪل به نه ٿي چورائي سگهجي ته تعليمي اداران جي بندشي سبب تعليمي بُحران پيدا ناهي ٿيو. بيشڪ نقصان ٿيو آهي ۽ ٿئي به پيو پر ڪووڊ 19 جي سنگين صورتحال سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وبائي صورتحال سبب هسيتائين اسڪول ڏهن کان پنجاهه هفتن تائين بند رهيا آهن. جڏهن ته اُهي سُڌريل مُلڪ صورتحال وري وري خراب ٿيڻ جي صورت ۾ادارا وري پڻ بند ڪري ڇڏيندا آهن. هينئر به جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ڪُنڊ يا مُلڪ ۾ اسڪول کُليل آهن ته اُتي ايس او پيز تي مڪمل عمل ٿئي ٿو نه ڪي اُهي اسان وانگي رڳو شور ۽ بي بنياد مُهم هلائين ٿا، تنهنڪري ضروري اِهو آهي ته اسان بجاءِ ٻيگهي مچائڻ جي وبا سبب پيدا ٿيل تعليمي نقصان جي ازالي لاءِ ڪي منصوبا جوڙيون يا اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙيون جيڪا سڀني لاءِ موزون ۽ مُناسب هجي. جڏهن ته اهو حڪومت تي پڻ لازم ٿئي ٿو ته رڳو تعليمي ادارن ۾موڪلن جا اعلان ڪرڻ بدران ڪجهه تعليمي سُڌاري لاٰءِ به سوچي.
ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي دنيا جا تمام مُلڪ هينئر به آن لائين تعليم کي ترجيح ڏئي رهيا آهي ته پوءِ سوال اهو آهي ته اُن لحاظ کان اسان جا پير پوئتي ڇو آهن؟ اُن لاءِ حڪومت کي گهرجي ته ڪو اهڙو مڪينزم جوڙي جنهن سان هڪ ته تعليمي سلسلو جاري رهي ٻيو ته پيدا ٿيل تعليمي بُحران جو پڻ آساني ۽ سولائي سان ازالو ڪري سگهجي.