ڪالاباغ جدوجهد جي شهيد مظهر جتوئي جي اڄ ورسي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڪالاباغ ڊيم جي پهرين شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي ورسي اڄ 23 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ملهائي پئي وڃي. ورسي تقريب ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي سميت سنڌ هاري اڳواڻ، پورهيت اڳواڻ، قومپرست، اديب، دانشور خطاب ڪندا.   پروگرام تحت 12 بجي شهيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري ويندي. جاري ڪيل پريس رليز ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ ٻين اڳواڻ چيو ته ڪامريڊ مظهر جتوئي سنڌ جو سچو سپوت هو، سنڌ هميشه پنهنجي هيروز کي ياد ڪندي آهي. هنن چيو ته  شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي سنڌو تي سر ڏئي ويساهه ڏنو سندس شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاء ورسي جي موقعي تي زبردست ڀيٽا ڏني ويندي۔17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.