کنڀي گم ڪيل درزي کي آزاد ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان هفتو اڳ کنڀي گم ڪيل ڳيريلو ڀرسان ڳوٺ غلام محمد بليدي واسي درزي نوجوان غلام شبير بليدي جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪيو جتي هنن نوجوان جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي پيرسن امڙ صاحب زادي بليدي پنهنجي ڌيءَ غلام سڪينه، ڀيڻ انور خاتون، پٽن وحيد، بشير بليدي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو پٽ غلام شبير بليدي 8 سالن کان ڪراچي جي ڪورنگي هڪ نمبر ناصر پوليس چوڪي سامهون درزي جو دڪان هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي جنهن جو ڪو به تنظيم يا گروهه سان ڪو به واسطو ناهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه گذريل 13 آگسٽ جي ڏينهن کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اسين غريب ۽ پورهيو ڪندڙ آهيون بيگناهه پٽ کي کنڀي ظلم ڪيو ويو آهي، پٽ جي کنڀجڻ بعد اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان غلام شبير بليدي کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين کي اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.