پکي، ڪنڊياري ۽ ڪشمور ۾ تعليمي ادارن جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن پکي، ڪنڊياري ۽ ڪشمور ۾ تعليمي ادارن جي بندش خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

پکي ۾ سماجي ڌرين پاران هٿن ۾ بينر کڻي پيار علي چانڊيو، شاهنواز کونهارو، شاهد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنڊياري ۾ استادن، شاگردن ۽ شهرين پاران تعليمي ادارن جي بندش خلاف پروفيسر عبدالستار ابڙو، عبدالجبار ٻرڙو، سرمد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪشمور ۾ به تعليمي ادارن جي بندش خلاف سياسي، سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ  هو ته ڪورونا سبب لڳايل پابندي جي ڪري سنڌ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ تعليمي ادارا کوليا ويا آهن پر سنڌ ۾ بند ڪري شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳايو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جيان ايس او پيز تحت تعليمي ادارا کولڻ ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.