افغانستان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ، پاڪستان کي ماضيءَ ۾ ڌڪي سگهي ٿي؟

تحرير: مليحه لوڌي

افغانستان ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي، هڪ ڊگهي جنگ جيڪا وڏي گهرو ويڙهه ڏانهن وڌي رهي آهي پاڪستان لاءِ هڪ چيلينج بڻجي سگهي ٿي. اهڙي خدشي جو اظهار وزيراعظم عمران خان آمريڪي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾  پڻ ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ اها ئي صورتحال رهي ته اها ” پاڪستان لاءِ تمام گهڻي خراب صورتحال هوندي“. افغانستان ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ پاڪستان کي انهن خطرن جي ور چاڙهي سگهي ٿي جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان تمام جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيا آهن، جنهن جو سڌو سنئون اثر رياست، ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ معاشي ترقيءَ تي پيو آهي، اهڙي صورتحال جي سڀني کي خبر آهي ان کي ورجائڻ ضروري نه آهي.

ملڪ جي اولهه جي سرحدن تي وڌيڪ ڇڪتاڻ جو  مطلب اهو ٿيندو ته ملڪ کي هڪ ئي وقت اندروني، علائقائي ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جو مقصد وري ماضيءَ ۾ وڃڻ جي برابر آهي جيڪڏهن افغانستان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي وڃي ٿي ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقن تائين پهچي وڃي ٿي ته ان جو مقصد اهو ٿيندو ”پاڪستان جي سلامتيءَ کي خطرو درپيش آهي“.

پاڪستان ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سرحدي جي وڏي حصي کي خار دار تارن جو لوڙهو ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سرحد پار ڪندڙ غير قانوني لنگهن کي پڻ بند ڪري فرنٽيئر ڪانسٽبلريءَ جي نفريءَ ۽ گشت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهتر تربيت جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، فورسز کي فني معلومات ۽ تربيت ڏيڻ سميت باقاعده فوج مقرر ڪرڻ جو بندو بست پڻ ڪيو ويو آهي ، اهڙا انتظام ڪرڻ تمام گهڻو ضروري ته آهن پر ڊگهي جابلو سرحد ۽ پهاڙي علائقن جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان جا اهڙا اپاءَ گهڻي قدر ڪارگر ٿي نه سگهن.

سرحد جي هُن پار ڇڪتاڻ واري صورتحال دهشت گرد گروهن کي ڪارروايون ڪرڻ لاءِ پڻ موقعا ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ خطرو تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) کان آهي جنهن جا ساڍا ڇهه هزار ويڙهاڪ افغان ۽ پاڪستان سرحد لڳ موجود آهن جيڪي اتان پاڪستان تي حملا ڪندا رهن ٿا، ٽي ٽي جي ڌڙن ۾ اتحاد کانپوءِ ٽي پي پي جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو.، پابندين تي نظر رکندڙ گڏيل قومن جي ٽيم واضع طور تي پنهنجي رپورٽ ۾ ئي ڇڏيو آهي ته “ ٽي ٽي پي“ جي ڌڙن ۾ اتحاد بعد ٽي ٽي پي اڳ کان وڌيڪ سگهاري ٿي وئي آهي“، افغان طالبان سان ٽي ٽي پي جي ويجهڙائي ۽ اتحاد متعلق پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن کي پڻ خبر آهي ته ٽي ٽي پي اڳواڻ نور ولي محسود سي اين اين کي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو واضع طور تي چيو آهي ته ” ٽي ٽي پي پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندي ۽ اسان جو مقصد پاڪستان جي سرحدي علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري انهن کي آزاد ڪرائڻ آهي“.  ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۾ وڌندڙ  ڇڪتاڻ  ڪري هلندڙ مهينن ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن جي جاني نقصان ۾ اضافو ٿي چڪو آهي. مئي کان وٺي هن وقت تائين خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشگرديءَ جا 167 واقعا ٿي چڪا آهن جنهن مان مستقبل جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروهه پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا خاص ڪري اهڙا گروهه جيڪي پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن هٿان شڪست کائي چڪا آهن ۽ وري اهي پاڻ ۾ اتحاد ڪن ٿا ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ” القاعده جي قيادت جو هڪ وڏو حصو  پاڪ افغان سرحد لڳ موجود آهي، جڏهن ته داعش خراسان به نه صرف موجود آهي پر انتهائي متحرڪ ۽ خطرناڪ پڻ آهي“ ، جڏهن ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن اها رپورٽ اڳ ئي ڏئي ڇڏي آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ڇڪتان جاري رهي ته ”دهشتگردن جا سليپر سيل“، وري متحرڪ ٿي سگهن ٿا.

بلوچستان ۾ به غير ملڪي حساس ادارن جي اثر هيٺ دهشتگردي ڪندڙ گروهن پاران دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، اهڙي نموني دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان قربانيون ڏئي جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي هُئي اها ڪاميابي ضايع ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان پي بي ايس کي ڏنل هڪ انٽريوي ۾ صاف چيو آهي ته ” افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو  واضع مطلب پاڪستان ۾ دهشتگردي آهي“، ان کان سواءِ پاڪستان ۾ اڳ ئي موجود شدت پسند پڻ طالبان جي ڪاميابين کي ڏسي وري سرگرم ٿي سگهن ٿا.

افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو هڪڙو نتيجو پاڪستان ۾ نون مهاجرين جي اچڻ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو، جڏهن ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ 30 لک افغان مهاجر موجود آهن، پاڪستان جي اختيارين جو اندازو آهي ته گهرو ويڙهه ڪري پنجن کان ست لکن تائين نوان افغان مهاجر پاڪستان اچي سگهن ٿا، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت سرحدن تي موثر ڪنٽرول ڪرڻ کان سواءِ سرحدي علائقن ۾ ئي مهاجر ڪيمپون قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ڪري رهي آهي ته جيئن افغان مهاجرن کي ملڪ جي اندرين علائقن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي. موجوده صورتحال ۾ ايران جو جو ماڊل اختيار ڪري سگهي ٿو يا نه ان متعلق بحث ڪري سگهجي ٿو، خاص طور تي جڏهن ٻنهي سرحدن اندر رهندڙ قبيلا هڪ ٻئي سان رشتيداريءَ ۾ ڳنڍيل هجن، افغان مهاجرن لاءِ  ”ايڪسٽرنلي ڊسيپلينڊ افغانز“ جي اصطلاع استعمال ڪرڻ سان انهن لاءِ ايندڙ بين الاقوامي امداد بند ٿيڻ جو خدشو آهي، ڇو جو بين الاقوامي امداد رڳو انهن جي مهاجر هجڻ جي حيثيت ۾ ئي ملي سگهي ٿي. جڏهن ته انهن لاءِ ورلڊ بينڪ جي امداد پڻ بند ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان وري ماضيءَ جهڙي معاشي نقصان جي ور چڙهي ويندو جيڪو اڳ ڏسي چڪو آهي.

پاڪستان جي معيشت جي جيڪا نازل صورتحال آهي ان کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته افغانستان جي امڪاني گهرو ويڙهه پاڪستان ۾ ترقيءَ ۽ سرمائيڪاريءَ جا سمورا رستا بند ڪري سگهي ٿي.اهڙي نموني پاڪستان معاشي بدحاليءَ جي ور چڙهي ويندو ۽ ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ جيڪي سرمائيڪاريءَ جا موقعا ميسر آهن انهن کي به نقصان پهچي سگهي ٿو. ماضي جا مشاهدا ٻڌائين ٿا ته جڏهن ” دهشت گرديءَ خلاف جنگ“ ملڪ جي ڳلين تائين پهچي وئي هُئي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو هو.

اهڙي نموني اها جنگ ماضيءَ وانگر پراڪسي جنگ جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي، فرق صرف اهو هوندو ته اها جنگ ماضيءَ جي نسبت وڌيڪ خطرناڪ هوندي ۽ ان جنگ ۾  اڳ کان وڌيڪ ملڪ متاثر ٿيندا، خاص ڪري اهي ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيندا جيڪا پنهنجي پنهنجي دفاع کي مضبوط بڻائيندا رهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ افغانستان جا پاڙي سري ملڪ جڏهن پنهنجي مفادن جي تحفظ جي ڪوشش ڪندا ته صورتحال 1990ع جي ڏهاڪي ۾ روس فوج جي افغانستان مان نڪري وڃڻ بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال کان وڌيڪ خطرناڪ پيدا ٿي ويندي ۽ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ ۾  پرڏيهي دهشتگرد گروپن ۽ ويڙهاڪن جي موجودگيءَ اهم سبب بڻبي جڏهن ته  ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن وقت گهڻ ملڪن جي سلامتيءَ کي خطرو آهي، ۽ اهڙي خطري جو باعث اوڀر ترڪستان اسلاملڪ مومينٽ، داعش، ازبڪستان اسلامڪ موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ ظاهر آهي القاعده به آهي. اهڙي بدترين صورتحال جو اندازو افغانستان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳايو ويو آهي.

اهڙي صورتحال جي تقاضا اها آهي ته پاڪستان اهڙي ڳنڀير صورتحال جي نتيجن کي روڪڻ لاءِ بين الاقوامي سفارتي ڪوششن کي وڌائي ۽ موثر بڻائي، جنهن جي شروعات هاڻي کان ئي ٿيڻ گهرجي. بحرحال افغان عوام کي جيڪي به مسئلا درپيش آهن ۽ ايندڙ ڊگهين مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغان قيادت کي مشڪل سمجهوته ڪرڻا پوندا ۽ اهڙا فيصلا ڪرڻ جو بار هاڻي افغان قيادت تي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.