ڊگهڙي ۾ پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، ناري تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي

پنگريو (ن ع آ) ڊگهڙي ۾عدالتي پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، ناري تحفظ لاءِ عدالت پهچي وئي،ڳوٺ حيات خاصخيلي جي رهواسڻ ناري شازيا ڌيءَ دلاور کوکر پنگريي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي  ته جھڏي جي عابد ڪالوني جي رهواسي نوجوان احمد رياض ولد چوٿا عرف جعفر کوکر سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، منهنجا مائٽ منهنجي ساهرن ۽ مڙس جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن خلاف اسان سيشن ڪورٽ ميرپورخاص ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ناري شازيا کوکر عدالت سڳوري ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته مون پنهنجي رضا خوشي سان احمد رياض سان ڊگهڙي عدالت ۾ پيش ٿي پسند پرڻو ڪيو آهي، جنهن تان منھنجو پيءُ دلاور، عرف بلاول، ڀاءُ نادر، دلنواز، ۽ اسان جو بٺي مالڪ ٺيڪيدار گلزار ۽ تر جا بااثر جان جا ويري بڻجي ويا آهن، پيءُ دلاور ۽ بٺي مالڪ گلزار بااثر گهرائي جرڳو ڪري مونکي مڙس ڪارو قرار ڏنو، اسانکي جان کان مارڻ لاءِ ڳولها ڪري رهيا آهن ۽ اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان خوف وچان دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهيون، ناري جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس مائٽ منهنجي ساهريجن کي سڱ چٽي ڏيڻ ۽ لک روپيا ڏنڊ نه ڏيڻ تي پنگريو ٿاڻي تي منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن ايس ايس پي بدين، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسانکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.