اوٻاوڙو، ڀريا روڊ، پکو، ڄامشورو ۽ قمبر جون خبرون

اوٻاوڙو ڀرسان  ڳوٺ رحيم بوهڙ واسي 2 ڄڻا مبينا طور تي اغوا

ڀريا روڊ: واپڊا جي نجڪاري خلاف ملازمن پاران آفيس کي تالا هڻي احتجاج

سڄي ملڪ وانگر پکو ۾ به عطاري جماعت طرفان وڻ لڳائڻ جي مهم شروع

ڄامشورو: ڪوئلي جي کاڻ ۾ کوٽائي دوران ڇپ ڪرڻ سبب 3 پورهيت فوت

قمبر:ڳوٺ پاڙو ابڙو جي حميد شاخ ۾ وهنجندي هڪ ئي گهر جا 3 ٻارڙا فوت

1

اوٻاوڙو ڀرسان  ڳوٺ رحيم بوهڙ واسي  پورهيت چاچو ۽ ڀائيٽو ,14 سالا نينگر رخسار بوهڙ ۽ نوجوان علي گل بوهڙ مبينا اغوا ٿي ويا، ٻئي ڄڻا پنهنجي زمين کي پاڻي ڏيڻ  لاء ويا هئا جتان هو هٿياربندن هٿان مبينا طور تي  اغوا ٿي ويا ، ٻئي ڄڻا جڏهن گهر واپس نه موٽيا ته  وارثن پاران ٻنهي جي ڳولا ڪئي وئي ته واقعي واري هنڌ تان ڪوڏر ڪمند جي فصل مان سندن موٽر سائيڪل هٿ آئي. وارثن پاران  اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اهڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو ويو ۽ کوجي ڪتن جي مدد سان ڳولا ڪئي پئي وڃي  رابطو ڪرڻ  تي وارثن عبدالغني بوهڙ ٻڌايو  ته  اسان کي شڪ آهي ته اسانجي نوجوانن کي نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زورتي اغواڪري ويا آهن.

02

ڀرياروڊ ۾واپڊا هائيڊرواليڪٽرڪ يونين سب ڊويزن جي اڳواڻن پاران واپڊا جي نجڪاري خلاف آفيس کي تالو لڳائي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  هائيڊرو  اليڪٽرڪ ورڪر يونين جي چيئرمين  فقير محمد ڪيريو چيو ته ايل او اِي ختم ڪيو وڃي ۽ حادثن کي روڪيو وڃي، اي ايل ايم جا شوڪاز ختم ڪيا وڃن ۽ ٻيا مطالبا پيش ڪيا، ان موقعي تي محمد ياسين اڄڻ ،مجيب رحمن جلباڻي ،رميز ڀان ، ۽ ٻين احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

03

سڄي ملڪ وانگر پکو ۾ بہ عطاري جماعت طرفان وڻ لڳائڻ واري مهم شروع ڪئي وئي ،غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي پاران شروع ڪيل مهم دوران پکو ۾ پڻ مختلف جاين تي وڻ لڳايا ويا ، ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب ۾ وڻڪاري ۽ ان جي فائدن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون تقريب کي خطاب ڪندي پکو پريس ڪلب  جي صدر علي گل انقلابي چيو ته ٻوٽا لڳائڻ صدقو به آهي ته ثواب به ، دعوت اسلامي وڻڪاري جو سلسلو شروع ڪري اسان سميت ايندڙ نسلن جي سار لڌي آهي, تقريب جي پڄاڻي تي دعوت اسلامي جي اڳواڻ عزيز ﷲ عطاري, حبيب الله, ضمير حسين عطاري  ٻوٽا پڻ لڳايا .

4

لاکڙا ڪول فيلڊ جي پي ايم ڊي سي ڪمپني جي ٺيڪيدارنديم جي ڪوئلي کاڻ ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران 3 پورهيت ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾دٻجي ويا جن ۾ سيد گل پٺاڻ گل بادشاه احسان شاه شامل آھن جن کي ٻاهر ڪڍڻ لا ڪمپني انتظاميا  وڏي پئماني تي مزدور ۽ مشينري گهرائي ريسڪيو آپريشن  شروع ڪري ڇڏيو ، ذريعن موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ 18 هين ترميم  کان پوء ھلندڙ تڪرار کان پوء کاڻين کي بند ڪيو ويو هو پر انتظاميا ڳجهه ڳوه ۾ ڪوئلو ڪڍرائي ٿي جنهن سبب کاڻين جي صحيح نموني مرمت نه ٿيڻ سبب ٻن سالن ۾ حادثن سبب 12 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن

5

قمبر لڳ مهي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ پاڙو ابڙو ۾ حميد شاخ ۾ وهنجندي هڪ ئي گهر جا 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 7 ورهين جو حيدر چانڊيو، 5سالن جو دادن چانڊيو ۽ 5سالن جي نينگري سوهان چانڊيو شامل آهن ،  ٻارڙن جا لاش ڳوٺاڻن ڪڍي گهر پهچايا ، لاش گهر پهچڻ تي قهرام  مچي ويو،  هڪ ئي گهر جي ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو، جڏهن ته معصوم ٻارڙن جي وارثن کي صدمي سبب بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.