گهوٽڪي ۾ نينگر سان بدفعلي بعد موٽر سائيڪل ڦر، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي شهر جي ٽنڊو ڦاٽڪ جي رهواسي معصوم نينگر سڌير احمد مهر پنهنجي والد غلام نبي مهر سان گڏ ميڊيا  آفيس پهچي احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار علي شير ۽ علي ملڪ  موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ بعد بدفعلي ڪئي آهي، متاثر نينگر چيو ته ڄاڻايل جوابدارن اجتعمائي  بدفعلي ڪرڻ بعد ڦر ڪيل موٽرسائيڪل واپس ڪري ڌمڪايو ته ڪنهن کي ڳالهه ڪئي ته توکي قتل ڪيو ويندو، متاثر نينگر جي والد غلام نبي مهر جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي پوليس جوابدارن جي ونگار وهندي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُوجهي رهي آهي، غلام نبي مهر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ سان بدفعلي ڪندڙ جوابدارن علي شير شيخ ۽ علي ملڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.