سکر ۾ ڪاروبار جي نالي تي اڍائي ارب وٺي همراهه فرار، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي رهواسين آغاعارف خان دراني، الله داد بوزدار، ثاقب شيخ ۽ ٻين سکر جي سوسائٽي واري علائقي ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي  يو آھي ته جهانزيب اينڊ برادرز ۽ عمر جان اينڊڪو جي نالي سان لالا جهانزيب، عالم زيب، مشتاق، اڪرم ۽ ٻين ڪاروبار شروع ڪري مختلف ڪاروبار جي مد ۾ اڍائي ارب روپيا وصول ڪري فرار ٿي ويا آھن جنهن سبب متاثر رقم نه ملڻ ڪري سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آھيون، جڏهن ته سکر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس به داخل ڪرايا آھن ۽ عدالت ۾ به پٽيشن به داخل ڪرائي آھي پر جوابدارن کي بااثر سياستدانن جي سپورٽ ھجڻ ڪري پوليس سندن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري۔ متاثرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر جا شھري مٿين ٺڳن کان اربين روپيا فرجڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي آھي ، متاثرين اعلان ڪيو ته جيسي تائين رقم واپس نه ملندي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون  وينديون، جيڪڏهن ڪوبه جاني يا مالي نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار لاڳاپيل انتظاميا هوندي۔ هنن وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير سنڌ، آءِ جي سنڌ۔ اي آءِ جي سکر ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته فراڊ ذريعي ورتل رقم واپس ڏياري اسان جون حياتيون بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.