ٽنڊي محمد خان ڀرسان جوارين خلاف ڪارروائي، 6 گرفتار

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر)ٽنڊو محمد خان شهر ڀرسان حيدرآباد بدين روڊ تي ڀٽي ڳوٺ ۾ سٽي پوليس پاران جوارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويئي ،  جنهن ۾ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري پوليس لاڪپ ڪيو جنهن تي ڀٽي ڳوٺ جي رهواسي مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن پاران حيدرآباد بدين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي بعد مڇريل ڳوٺاڻن سٽي ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي پٿراءُ ڪيو ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائيل جا شيشا ڀڄي پيا ، ڳوٺاڻن مسمات خيرنثاء , حسينه , مسمات ڪائيمان صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته  سٽي پوليس بغير ڪنهن جواز جي اسان جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري عورتن مردن تي تشدد ڪري اسان جي ڳوٺ جا 6 نوجوان پاڻ سان گڏ وٺي ويئي ، هنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.