قاضي احمد: سڪرنڊ شگر مل جي برطرف ملازمن جو مطالبن مڃتا لاءِ احتجاج جاري

سڪرنڊ شگرمل جي برطرف ملازمن پاران مطالبن مڃتا لاء گذريل ٽن سالن کان احتجاج جاري آهي، ملازمن پاران انتظاميا خلاف پريس ڪلب قاضي احمد آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حاجي الياس مري،معشوق چانڊيو غلام قادر ڪيريو،غلام حيدر انڙ ،عبدالحڪيم ادريس ڪنڀر ء ٻين دانھيندي چيو ته سڪرنڊ شگرمل انتطاميانہ ٽي سال اڳ بلاجواز ڪوڙا الزام لڳائي اسان کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسان جو ڏوھ اهو هيو ته اسان مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاري جدوجهد شروع ڪئي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان مجبورن احتجاج ڪري رهيا آهيون ڇو جو اسان جا ٻچا بکن تي ويٺل آهن، هنن چيو ته جيسيتائين اسان کي بحال ڪري اسان جون پگهارون جاري نه ڪيون وينديو تيسيتائين پرامن احتجاج جاري رهندو ،هنن آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ ء ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته انهن کي نوڪرين تي بحال  ڪري پگهارون ڏياريون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.