سکر ۾ سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان کي دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو

سکر(رپورٽ؛ اظهر علي دايو) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ اعلانيل لاڪ ڊائون واري فيصلي کي سکرپوليس توڙي انتظاميا ۽ دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو آهي، شهر جي مک گھنٽا گھر چوڪ، غريب آباد، شاهي بازار، ڍڪ روڊ، شهيد گنج، نيم جي چاڙهي، صرافه بازار، چمٽا گلي، ڍڪ روڊ، تير چوڪ، ڀٽا روڊ، جناح چوڪ، مياڻي روڊ سميت شهر جي سمورين بازارن ۾ اڪثر دڪانون کليل آهن، جڏهن ته پوليس دڪانون کولڻ لاءِ دڪاندارن وٽ رشوت جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، شهر ۾ لاڪ ڊائون واري فيصلي تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جا خدشا وڌي ويا آهن، هوڏانهن پوليس پاران هن وقت تائين لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ ڪوبه ڪيس داخل ناهي ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.