اسلام آباد ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون، 40 کان وڌيڪ گهٽيون سيل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا شهر ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون هڻي ڇڏيو.

ڊپٽي ڪمشنر موجب اسلام آباد ۾ ڪُل 600 گهرن کي قرنطينه ڪيو پيو وڃي، جن ۾ 2 هزار هاڪاري ڪيس آهن، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ گهٽيون سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪٽر جي ٽين ٿري جي 4 گهٽين، سيڪٽر ايف اليون ٿري جي 2، جي 13 ٽو جي 7، اي اليون فور جي 3، آءِ ٽين ٽو ڪي 2، جي نائن فور جي 10، آءِ ايٽ فور جي 4، آءِ ٽين ون جي 10 ۽ جي پندرهن جي هڪ گهٽي کي سيل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر ماڻهن جو ڪُل انگ 87 هزار 699 آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا موجب ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ وڌيڪ علائقن کي به سيل ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.