ڪراچي ۾ 6 ورهين جي نياڻي کي اغوا ۽ زيادتي بعد قتل جو اعتراف

ڪراچي ( رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ۾ پوليس 6 سالن جي ٻارڙي جي اغوا ۽ زيادتي کانپوءِ قتل ڪيس جي  پوليس عدالت ۾ ابتدائي  رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي،  ۔28 جولاءِ تي زمان ٽائون ۾ ڪچري مان ماھم جو لاش هٿ آيو هوڏانهن پوليس رپورٽ موجب جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ذاڪر انڊولا پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هن رات جو ساڍي 11 وڳي ٻارڙي کي رڪشي ۾ ويهاريو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين ٻارڙيءَ کي رڪشي ۾ گهمايو ۽ نشو ڪندو رهيو ۽ ساڍي 12 هين وڳي ٻارڙي کي اتوار بازار گرائونڊ ۾ وٺي ويو، جوابدار جي بيان موجب ٻارڙي زيادتي کانپوءِ به جيئري هئي ۽ نيم بيهوش هئي، اوچتو ٻارڙي ڇلانگ هنئي جنهن سان هن جي ڳچي ٽٽي پئي،  جوابدار ٻڌايو ته هن ٻارڙي کي ڪچري ۾ اڇلايو ۽ گهر واپس موٽي آيو ۽ گهر واري کي چيو ته سواري کڻي ويو هئس، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ملتان لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ ۽ ڪپڙا کڻڻ گهر پهتو هو، جوابدار گهر واري کي فون ڪيو، هو ٻارڙن سوڌو ڪراچي کان فرار ٿيڻ چاهي پيو، واضح رهي ته 28 جولاءِ تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ٻارڙي کي اغوا بعد زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.