اڳوڻو چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سندس گهرواري ڪورونا وائرس جو شڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سندس گهرواري ۾ به ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ذريعن موجب ڪورونا ۾ مبتلا اڳوڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سندس گهرواري کي گهر ۾ ئي آئسوليشن جي تجويز ڏني وئي آهي.

ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪورونا سبب طبيعت ناساز ٿي پئي آهي ۽ هن کي علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.