رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي ختم نه ٿيو، ٻارڙو حياتي جي جنگ هارائي ويو

رتوديرو( رپورٽ: طفيل ساريو)   رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي جو موذي مرض معصوم جي حياتي ڳڙڪائي ويو .رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي موذي مرض  پورهيت جي معصوم پٽ جي حياتي ڳڙڪائي ڇڏي شهر جي پراڻي عيد گاه محلي جي رهواسي 4 ورهين جي ساگر علي پٽ اياز علي ويسر هن موذي مرض سبب فوت ٿي ويو فوتي نينگر جي والد  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو پٽ ٻن ورهين کان ايڇ آءِ وي جي مرض ۾ مبتلا هيو جنهن جو علاج رتوديرو جي تعلقي اسپتال ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تان ٿيندو هيو هن چيو ته 10 ڏينهن اڳ ڊاڪٽر منهنجي پٽ جو علاج تبديل ڪيو ۽ ٻيو علاج ڏنو جنهن ۾ گوريون ۽ ڪيپسول شامل هئا اسان اهو نئون مليل علاج ٻار کي کارايو ته اهو کائڻ شرط ئي هن جي جسم تي ڳوڙها ۽ ڦلوڪڻا نڪري  آيا اهڙي حالت ۾ مان جڏهن پنهنجي پٽ کي ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر تي کڻي آيس ته اتي موجود ڊاڪٽر اهو چئي ٽرڪائي ڇڏيو ته ٻار کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻي وڃو مان پنهنجي پٽ کي بعد ۾ لاڙڪاڻي کڻي ويس پر هن جي صحت نه سڌري ۽ فوت ٿي ويو هن چيو ته تعلقي اسپتال رتوديرو ۾ قائم ايڇ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر جا ڊاڪٽر مريضن جو صحيح نموني علاج ڪرڻ بجاءِ رهندو انهن کي دڙڪا ڏئي هيسائيندا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن ۽ انهن جي وارثن کي ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويندو آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.