ملڪ اندر سون اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سون جي في تولي ۽ 10 گرام جي اگهن ۾ ترتيب وار 500 رپيا ۽ 450 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 13 ڊالر جي گهٽتائي سان 1796 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي جنهن جي ڪري مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ اڄ في تولي ۽ في 10 گرام سون جي اگهه ۾ ترتيبوار 500 رپيا ۽ 450 رپيا گهٽتائي ٿي آهي.

ان جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جو اگهه گهٽجي 109350 رپيا ۽ في 10 گرام سون جي اگهه گهٽجي 93750 رپيا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.