ٿُڪ مان شگر ٽيسٽ جو طريقو ايجاد

نيو سائوٿ ويلز(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ماهرن هڪ اهڙو شوگر ٽيسٽ ايجا ڪيو آهي جنهن جي ذريعي لعاب دهن(ٿُڪ)(Saliva) ۾ شگر جي مقدار ڄاڻيندي ڪنهن به شخص جو شگر ۾ مبتلا هجڻ يا نه هجڻ جاچي سگهجي ٿو.

ڪالاگان، نيوسائوٿ ويلز ۾ يونيورسٽي آف نيوڪيسل جي ڊاڪٽر پال دستور ۽ سندس ساٿين اهو انقلابي شگر ٽيسٽ ايجاد ڪيو آهي جيڪو اڳ ئي موجود ٽيسٽنگ اسٽرپ تي مشتمل آهي جيڪا روايتي شگر ٽيسٽ ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.

نئين شگر ٽيسٽ جي مدد سان سڄي دنيا ۾ موجود لڳ ڀڳ 46 ڪروڙ مريضن کي هاڻي پنهنجي جسم ۾ شگر جو مقدار ماپڻ لاءِ هر ڀيري پنهنجي آنڱر ۾ چهنب واريون سيون هڻي رت ڪڍڻ جي ضرورت نه پوندي.

واضح رهي ته رت جيان ٿُڪ ۾ به شگر جو تمام ٿورو مقدار موجود هوندو آهي، تنهن هوندي به شگر جي سڃاڻ ۾ اهڙي عمل جو خيال ڪجهه سال اڳ ئي سامهون آيو هو.

استعمال جي حوالي سان ان پَٽي کي زبان سان اهڙي ريت لڳايو وڃي ته جيئن ٿوري مقدار ۾ ٿُڪ گڏ ٿئي ۽ پوءِ ان کي هڪ مشين ۾ وجهڻ سان شگر جو مقدار معلوم ڪري سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر پال اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئين  شگر ٽيسٽ لاءِ اسٽرپ ۽ لاڳاپيل مشين ٺاهڻ وارو ڪارخانو هلندڙ سال جي خاتمي تائين تعمير ٿي ويندو ، جڏهن ته ان جي پهرين کيپ 2023ع ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.