نندو شهر مان ڳوٺاڻي کان شاهينگ 21 هزار ڪڍي ويا

نندو ( ن ع آ ) نندو ۾ ڳوٺ پيروزجمالي جو رهواسي پورهيت رسول بخش جمالي جي کيسي مان ڪي نامعلوم شاهينگ 21 هزار روڪ ڪڍي ويا ،

پير ڳوٺ ۾سيپڪو جو آپريشن، غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) سيپڪو پاران پيرجوڳوٺ ۾ غيرقانوني طور هلندڙ ڪنيڪشن خلاف آپريشن، سوين ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، خبرموجب، سيپڪو پيرجوڳوٺ جي اختيارين پاران شهر جي مختلف علائقن بازارن ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف آپريشن ڪندي سوين غيرقانوني طور هلندڙ بجليءَ جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن. جڏهن ته سيپڪو اهلڪارن بجلي جون تارون ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي کڻي ويا. ان ڏس ۾ سيپڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته پيرجوڳوٺ شھر ۾ ھڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بقايا رهيل آهن. ٻئي طرف شهرين جو چوڻ آهي ته سيپڪو اهلڪارن رشوت نه ڏيڻ تي اسان جا ڪنيڪشن غيرقانوني ڄاڻائي ڪاٽي ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.